مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ٻين جا ناحق مال نه کائو

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اِنَّ کَثِیۡرًا مِّنَ الۡاَحۡبَارِ وَ الرُّہۡبَانِ لَیَاۡکُلُوۡنَ اَمۡوَالَ النَّاسِ بِالۡبَاطِلِ وَ یَصُدُّوۡنَ عَنۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ ؕ وَ الَّذِیۡنَ یَکۡنِزُوۡنَ الذَّہَبَ وَ الۡفِضَّۃَ وَ لَا یُنۡفِقُوۡنَہَا فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ ۙ فَبَشِّرۡہُمۡ بِعَذَابٍ اَلِیۡمٍ ﴿ۙ۳۴﴾ (التوبه: ۳۴)

(٣٤) اي مؤمنؤ! ياد رکو ته (يهودين ۽ عيسائين جي) عالمن ۽ درويشن ۾ هڪ وڏو تعداد اهڙن ماڻهن جو آهي جيڪي ماڻهن جو مال ناحق ناجائز طور کائن ٿا، ۽ الله جي راهه کان انهن کي روڪين ٿا ۽ جيڪي ماڻهو سون چاندي پنهنجي خزاني ۾ گڏ ڪري رکندا رهن ٿا ۽ ان کي الله جي راهه ۾ خرچ نٿا ڪن تن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏ.