عمل سجايا ٿيڻ جو شرط
(الاحزاب: ۷۰، ۷۱)
(٧٠) اي مؤمنو! خدا کان ڊڄو ۽ جيڪا ڳالهه چئو سا سڌي سنئين ۽ پختي هجي (۽ حق ڏي وٺي ويندڙ هجي ۽ سچي). (٧١) (ائين ڪندؤ ته) هو اوهان جا عمل اوهان جي لاءِ سنواريندو ۽ درست ڪندو ۽ اوهان جون (اڳوڻيون) خطائون معاف ڪري ڇڏيندو، ۽ (هيءَ حقيقت آهي ته) جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪري ٿو تنهن عظيم الشان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.