الله جي اجازت کانسواءِ سفارش ڪونهي
(٣) (اي انسانؤ!) اوهان جو پروردگار ته اهوئي الله آهي جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي ڇهن ايامن ۾ پيدا ڪيو. (يعني ڇهن مقرر زمانن ۾ پيدا ڪيو) پوءِ پنهنجي حڪومت جي تخت تي با قدرت قائم رهيو. اهوئي سڀني ڪمن جو بندوبست ڪري رهيو آهي، (يعني دنيا پيدا به پاڻ ڪيائين ۽ ان تي حڪومت به فقط سندس ئي رهي) هن وٽ ڪوبه سفارش ڪندڙ ٿي نه ٿو سگهي، سواءِ ان جي جنهن کي پاڻ اجازت ڏئي، (۽ اجازت کان پوءِ هو سفارش ڪرڻ جي جرئت ڪري) اهوئي آهي الله اوهان جو پروردگار. تنهن ڪري انهيءَ جي بندگي ڪيو، ڇا توهان غور ۽ فڪر کان ڪم نٿا وٺو؟