مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

خدائي آيتن جو مذاق ڪندڙن سان نه ويهو

وَ قَدۡ نَزَّلَ عَلَیۡکُمۡ فِی الۡکِتٰبِ اَنۡ اِذَا سَمِعۡتُمۡ اٰیٰتِ اللّٰہِ یُکۡفَرُ بِہَا وَ یُسۡتَہۡزَاُ بِہَا فَلَا تَقۡعُدُوۡا مَعَہُمۡ حَتّٰی یَخُوۡضُوۡا فِیۡ حَدِیۡثٍ غَیۡرِہٖۤ ۫ۖ اِنَّکُمۡ اِذًا مِّثۡلُہُمۡ ؕ اِنَّ اللّٰہَ جَامِعُ الۡمُنٰفِقِیۡنَ وَ الۡکٰفِرِیۡنَ فِیۡ جَہَنَّمَ جَمِیۡعَا ﴿۱۴۰﴾ۙ (النساء: ۱۴۰)

(١٤٠) ۽ الله تعاليٰ پنهنجي ڪتاب ۾ اوهان جي لاءِ حڪم نازل ڪيو آهي ته جڏهن توهان ڏسو ۽ ٻڌو ته خدا جي آيتن کان (شرارت طور) انڪار ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن تي کل مسخري ڪئي وڃي ٿي، تڏهن هنن جي مجلس ۾ نه ويهو جيستائين ان ڳالهه کي ڇڏي ٻيون ڳالهيون ڪرڻ لڳن (پوءِ ڀلي انهن سان ويهو) جيڪڏهن هنن سان گڏ (آيتن سان مسخري ڪرڻ وقت) ويهندؤ ته توهان به هنن جهڙا ٿيندؤ، (ياد رکو ته) خدا اهڙن منافقن ۽ ڪافرن کي جهنم ۾ گڏ ڪرڻ وارو آهي.