حلال حرام کي زبان جي مسخري نه بڻايو
(١١٦) ۽ هيئن نه ڪيو جو جيڪا ڪوڙي ڳالهه توهان جي زبان تي اچي وڃي سا ٺڪ چئي ڏيو (۽ پنهنجي دل مان گهڙي حڪم لڳائي ڇڏيو) ته هيءَ شيءِ حلال آهي ۽ هيءَ شيءِ حرام آهي. اهڙيءَ طرح حڪم لڳائڻ الله تي ڪوڙ هڻڻ آهي (۽ ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو الله تي ڪوڙو ٺاهه مڙهين ٿا سي ڪڏهن به فلاح (۽ ڪاميابي) حاصل نه ڪندا.