شرڪ، اولاد جي قتل ۽ فحاشيءَ کان منع
(١٥١) (اي پيغمبر!) انهن کي چؤ ته، اچو ته مان اوهان کي (الله جو ڪلام) پڙهي ٻڌايان، ته توهان جي پروردگار توهان جي لاءِ ڇا ڇا حرام ڪري ڇڏيو آهي. خدا سان ڪنهن به شيءِ کي شريڪ نه ٺهرايو. پنهنجي ماءُ پيءُ سان چڱي هلت وٺو ۽ چڱايون ڪيو. پنهنجي اولاد کي سڃائي جي خوف کان قتل نه ڪيو، اسان ئي توهان کي روزي ڏيون ٿا ۽ انهن (يعني اوهان جي اولاد) کي به روزي اسان ڏينداسين ۽ بي شرمي جي ڳالهين ۽ ڪمن کي رڳو ويجهي به نه وڃو. اهي (بي شرميءَ جا ڪم ۽ ڳالهيون) کليل هجن توڙي لڪل هجن (ڪنهن به حالت ۾ انهن جي ويجهو نه وڃو) ۽ ڪنهن به جان (انسان) کي قتل نه ڪيو، جنهنجي (قتل) کي خدا تعاليٰ حرام ٺهرايو هجي، سواءِ هن جي جو ڪنهن حق جي بنا تي هن کي قتل ڪرڻو پوي (مثلاً قصاص ۾ يا جج جي فيصلي موجب) اهي آهن اهي ڳالهيون جن جي خدا توهان کي وصيت ڪئي آهي، انهيءَ لاءِ ته توهان عقل ۽ سمجهه کان ڪم وٺو.