مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

سلام چوڻ جا حڪم

وَ اِذَا جَآءَکَ الَّذِیۡنَ یُؤۡمِنُوۡنَ بِاٰیٰتِنَا فَقُلۡ سَلٰمٌ عَلَیۡکُمۡ کَتَبَ رَبُّکُمۡ عَلٰی نَفۡسِہِ الرَّحۡمَۃَ ۙ اَنَّہٗ مَنۡ عَمِلَ مِنۡکُمۡ سُوۡٓءًۢ ابِجَہَالَۃٍ ثُمَّ تَابَ مِنۡۢ بَعۡدِہٖ وَ اَصۡلَحَ فَاَنَّہٗ غَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۵۴﴾ (الانعام: ۵۴)

(٥٤) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن اهي ماڻهو تو وٽ اچن جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو آهي، تڏهن تون (مٿن مهربان ٿي ۽) چئو ته اوهان تي سلام هجي، توهان جي پروردگار پنهنجي مٿان رحمت لازم ڪري ڇڏي آهي. توهان منجهان جيڪڏهن ڪوئي اڻ ڄاڻائيءَ کان ڪا برائي ڪري وجهي ۽ پوءِ توبه ڪري (يعني آئنده اها برائي نه ڪري) ۽ پاڻ کي سڌاري ته پوءِ (خدا جي رحمت کان نااميد نه ٿيو) بيشڪ هو غفور ۽ رحيم آهي.