بيهودن ماڻهن کان ٽارو ڪرڻ جو حڪم
(الانعام: ۶۸)
(٦٨) ۽ جڏهن توهان اهڙن ماڻهن کي ڏسو جيڪي اسان جي آيتن بابت (شرارت ڪري) بيهودي بڪواس ڪن ٿا تڏهن توهان انهن کان پاسو ڪري هليا وڃو، جيستائين هو ڪنهن ٻيءَ ڳالهه تي غور ۽ خوض ڪرڻ لڳن (پوءِ ڀلي وٽن ويهو ۽ بحث ۾ شامل ٿيو) ۽ جيڪڏهن شيطان اوهان کان هيءَ (ڳالهه) وسارائي ڇڏي ته يادگيري اچڻ بعد اهڙي قوم (جي مجلس) ۾ نه ويهو جا ظلم ڪندڙ آهي.