مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

يتيمن جو مال نه کائو

وَ لَا تَقۡرَبُوۡا مَالَ الۡیَتِیۡمِ اِلَّا بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ حَتّٰی یَبۡلُغَ اَشُدَّہٗ ۚ (الانعام: ۱۵۲)

(١٥٢) ۽ (اهڙيءَ طرح) يتيمن جي مال ملڪيت کي به ويجهو نه وڃو. (يعني ان تي قبضو ڪرڻ يا ان مان ڪجهه هضم ڪرڻ جو ارادو به نه ڪيو) سواءِ هن جي جو چڱي طريقي (۽ نيت) سان (ان جو انتظام رکو) (يعني يتيمن جي فائدي ۽ سنڀال لاءِ سندن مال ملڪيت جي نگهباني ڪرڻ چاهيو) سو به تيستائين جيستائين اهي يتيم پنهنجي (سمجهه ۽ طاقت جي) عمر کي پهچي وڃن