مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

رزق جو ذريعو صرف خدا جي ذات آهي ان جو ئي شڪر ادا ڪريو

اِنَّمَا تَعۡبُدُوۡنَ مِنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ اَوۡثَانًا وَّ تَخۡلُقُوۡنَ اِفۡکًا ؕ اِنَّ الَّذِیۡنَ تَعۡبُدُوۡنَ مِنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ لَا یَمۡلِکُوۡنَ لَکُمۡ رِزۡقًا فَابۡتَغُوۡا عِنۡدَ اللّٰہِ الرِّزۡقَ وَ اعۡبُدُوۡہُ وَ اشۡکُرُوۡا لَہٗ ؕ اِلَیۡہِ تُرۡجَعُوۡنَ ﴿۱۷﴾ (العنڪبوت: ۱۷)

(١٧) (هيءَ ڳالهه ظاهر آهي ته) توهان الله کي ڇڏي ٻين ذريعن جي پوڄا ٿا ڪيو ۽ ڪوڙا ٺاهه ٿا ٺاهيو (اوهان جا خيال ۽ عقيدا بلڪل غلط آهن) خدا کي ڇڏي جن شين، ذريعن يا ماڻهن جي ٻانهپ ٿا ڪيو تن کي ڪابه طاقت ڪانهي جو اوهان کي رزق ڏيئي سگهن (يا ٻيون دل ۽ دماغ جون گهرجون پوريون ڪري سگهن) سو (توهان جاهل نه ٿيو) فقط الله وٽان رزق جي تلاش ڪيو ۽ فقط سندس حڪمن جي تابعداري ڪيو ۽ (هنن جي ڏنل نعمتن بابت) سندس ئي شڪرگذاري ڪيو (يعني سندس نعمتن کي سندس هدايتن موجب چڱيءَ طرح ڪم آڻي پنهنجو ئي ڀلو ڪيو) (ياد رکو ته) توهان کي (آخر) ڏانهس ئي موٽڻو آهي.