مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

شهيد کي مئل نه چئو

وَ لَا تَقُوۡلُوۡا لِمَنۡ یُّقۡتَلُ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ اَمۡوَاتٌ ؕ بَلۡ اَحۡیَآءٌ وَّ لٰکِنۡ لَّا تَشۡعُرُوۡنَ ﴿۱۵۴﴾
(البقره: ۱۵۴)

(١٥٤) ۽ جيڪي ماڻهو الله جي راهه ۾ قتل ٿين ٿا تن به نسبت ائين نه چئو ته هو مري ويا آهن، نه نه هو زندهه آهن، پر توهان هنن جي زندگي ڏسي ۽ سمجهي نٿا سگهو.
****

وَ لَا تَحۡسَبَنَّ الَّذِیۡنَ قُتِلُوۡا فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ اَمۡوَاتًا ؕ بَلۡ اَحۡیَآءٌ عِنۡدَ رَبِّہِمۡ یُرۡزَقُوۡنَ ﴿۱۶۹﴾ۙ
(آل عمران: ۱۶۹)

(١٦٩) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪي ماڻهو خدا جي راهه ۾ قتل ٿيا آهن، تن بابت ائين نه سمجهه ته هو مري ويا، نه نه هو جيئرا آهن ۽ پنهنجي پروردگار وٽ پنهنجي روزي حاصل ڪري رهيا آهن.