مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

پنهنجي پياري شيءِ مان ئي خرچ ڪيو

لَنۡ تَنَالُوا الۡبِرَّ حَتّٰی تُنۡفِقُوۡا مِمَّا تُحِبُّوۡنَ ۬ؕ وَ مَا تُنۡفِقُوۡا مِنۡ شَیۡءٍ فَاِنَّ اللّٰہَ بِہٖ عَلِیۡمٌ ﴿۹۲﴾
(آل عمران: ۹۲)

(٩٢) توهان نيڪيءَ جي درجي کي ڪڏهن به پهچي نٿا سگهو، جيستائين توهان (خدا جي راهه ۾) خرچ نه ڪيو ان مان جنهن سان توهان کي محبت آهي. جيڪي جيڪي توهان (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪيو ٿا سو بلاشبه الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو (۽ ان جو اجر ڏئي ٿو).