ڀُل ۾ ٿيل قتل جي ديت ۽ ڪفارو
(٩٢) ڪنهن به مؤمن کي نٿو جڳائي ته ڪنهن مؤمن کي قتل ڪري سواءِ ان حالت جي جڏهن ڀل چڪ کان ائين ٿي وڃي. جنهن به هڪڙي مؤمن کي غلطيءَ کان (شڪ شبهي ۾) قتل ڪيو هجي تنهن کي گهرجي ته هڪ مؤمن ٻانهو آزاد ڪري ۽ مقتول جي وارثن کي خون بها (عيوضو) ڏئي پر جيڪڏهن مقتول جو وارث خون بها معاف ڪري ته ڪري سگهي ٿو. ۽ جيڪڏهن مقتول انهيءَ قوم مان آهي جي توهان جا دشمن آهن (۽ توهان سان لڙائي اٿن) پر هو آهي مؤمن (۽ ڪو ائين سمجهي ته هي به دشمنن مان آهي ان کي قتل ڪيو هجي) ته گهرجي ته هڪ مسلمان غلام آزاد ڪيو وڃي. (خون بها ڏيڻ جو ضرور ڪونهي ڇو ته هن جي وارثن ۽ سنگتين جي مسلمانن سان لڙائي آهي) ۽ جيڪڏهن مقتول انهن ماڻهن مان آهي جن سان اوهان جو صلح جو عهدنامو ٿيل آهي ته گهرجي ته قاتل مقتول جي وارثن کي خون بها به ڏئي ۽ هڪ مسلمان غلام آزاد به ڪري. ۽ جيڪڏهن قاتل هڪڙو غلام نه لهي (يعني کيس ايتري وسعت ناهي جو ڪو غلام خريد ڪري ان کي آزاد ڪري ڇڏي) ته پوءِ ٻه مهينا لاڳيتا روزا رکي، هن لاءِ جو الله جي طرف کان اها (هن جي گناهه جي) توبه آهي. ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت رکندڙ آهي.