مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

شاهدي نه لڪائڻ

وَ لَا تَکۡتُمُوا الشَّہَادَۃَ ؕ وَ مَنۡ یَّکۡتُمۡہَا فَاِنَّہٗۤ اٰثِمٌ قَلۡبُہٗ ؕ وَ اللّٰہُ بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ عَلِیۡمٌ ﴿۲۸۳﴾٪
(البقره: ۲۸۳)

۽ خبردار! شاهدي ڪڏهن به نه لڪايو (ڪهڙو به خوف خطرو هجي، ڪهڙي به لالچ ملي ته به سچي شاهدي ڏيو) جيڪو شاهدي لڪائيندو سو پنهنجي دل ۾ گنهگار ٿيندو (سندس دل ڪاري ٿيندي) ۽ ياد رکو ته جيڪي جيڪي عمل توهان ڪيو ٿا تن کان الله تعاليٰ بي خبر ناهي (هو ضرور باز پرس ڪندو).