فصل جي ڪٽائي تي خدا جو حق ادا ڪرڻ
(١٤١) ۽ (ڏسو ته) اهو خدا ئي آهي جنهن (طرحين طرحين وڻن جا) باغ پيدا ڪيا، ڪي منهن تي چڙهايل (جيئن ڊاک جون وليون) ۽ ڪي بنا مَنَهنِ جي (جيئن عام وڻ آهن) ۽ پڻ کجيءَ جا وڻ ۽ پوکون پيدا ڪيائين جن جا ميوا جدا جدا قسمن جا ٿين ٿا، پڻ زيتون ۽ ڏاڙهن جا وڻ پيدا ڪيائين جن مان ڪي صورت شڪل ۾ هڪ جهڙا ته ڪي وري مخلتف، سو (خدا جا پيدا ڪيل) ميوا شوق سان کائو، جڏهن اهي وڻن ۾ پيدا ٿين ۽ پچن، ۽ اوهان کي گهرجي ته جڏهن فصل کڻو تڏهن هن جو (يعني خدا جو) حق به ڏيندا ڪريو، (يعني خدا جي راهه ۾ صدقو ۽ زڪوٰت ڪڍندا ڪريو) ۽ اسراف نه ڪيو، خدا انهن کي پسند نٿو ڪري جيڪي اسراف ڪندڙ آهن.