رخصتي کان اڳ ئي طلاق تي عدت ناهي
(الاحزاب: ۴۹)
(٤٩) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان مؤمنياڻين سان نڪاح ڪيو ۽ وري ساڻن همبستريءَ ٿيڻ کان اڳ ئي طلاق ڏيئي ڇڏيو ته پوءِ انهن عورتن جي لاءِ عدت ڪانه آهي جا توهان کي شمار ڪرڻي پوي. (يعني اُهي عورتون هڪدم ڪنهن ٻئي مؤمن سان نڪاح ڪري سگهن ٿيون. توهان کي ڇا ڪرڻو آهي) جو هنن کي ڪجهه مال متاع ڏيو ۽ هنن کي سهڻي نموني ۾ آزاد ڪري ڇڏيو ۽ موڪل ڏيئي ڇڏيو (ته جڏهن وڻين تڏهن ٻيو نڪاح ڪن).