هرگز ضايع نه ٿيندڙ سودو
(٢٩) جيڪي ماڻهو الله جو ڪتاب پڙهن ٿا (سمجهن ٿا ۽ ان تي عمل ڪن ٿا) ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪو رزق اسان کين عطا ڪيو آهي، تنهن مان (خدا جي راهه ۾) کليو کلايو توڙي مخفي طرح خرچ به ڪن ٿا سي يقيناً اهڙي واپار (۽ نفعي) جي يقيني اميد رکن ٿا جو هرگز ضايع نه ٿيندو. (٣٠) ڇو ته (الله تعاليٰ پاڻ) انهن کي پورا پورا اجر ڏيندو بلڪ پنهنجي فضل سان وڌيڪ به هنن کي عطا ڪندو. بيشڪ هو (سخي ماڻهن جو غلطيون) بخشيندڙ آهي ۽ (نيڪيءَ جا ڪم) قبول ڪندڙ آهي.