مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ظالمن کان فيصلا نه ڪرايو

اَلَمۡ تَرَ اِلَی الَّذِیۡنَ یَزۡعُمُوۡنَ اَنَّہُمۡ اٰمَنُوۡا بِمَاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡکَ وَ مَاۤ اُنۡزِلَ مِنۡ قَبۡلِکَ یُرِیۡدُوۡنَ اَنۡ یَّتَحَاکَمُوۡۤا اِلَی الطَّاغُوۡتِ وَ قَدۡ اُمِرُوۡۤا اَنۡ یَّکۡفُرُوۡا بِہٖ ؕ وَ یُرِیۡدُ الشَّیۡطٰنُ اَنۡ یُّضِلَّہُمۡ ضَلٰلًۢا بَعِیۡدًا ﴿۶۰﴾ وَ اِذَا قِیۡلَ لَہُمۡ تَعَالَوۡا اِلٰی مَاۤ اَنۡزَلَ اللّٰہُ وَ اِلَی الرَّسُوۡلِ رَاَیۡتَ الۡمُنٰفِقِیۡنَ یَصُدُّوۡنَ عَنۡکَ صُدُوۡدًا ﴿ۚ۶۱﴾ (النساء: ۶۰، ۶۱)

(٦٠) ۽ (اي پيغمبر!) تو انهن ماڻهن (منافقن) جي حالت تي نظر نه ڪئي ڇا، جن جي دعويٰ هيءَ آهي ته جيڪي توتي نازل ٿيو آهي ۽ جيڪي توکان اڳي نازل ٿيو آهي تنهن تي هو ايمان رکن ٿا پر (سندن عملن جو حال هي آهي جو) هو چاهين ٿا ته پنهنجا تڪرار ۽ معاملا هڪ شرير ۽ سرڪش (انسان) وٽ (فيصلي لاءِ) کڻي وڃن. اگرچه هنن کي حڪم ڪيو ويو آهي ته هن (شيطان) کان انڪار ڪن (۽ فقط الله ۽ سندس رسول جي پيروي ڪن) حقيقت هي آهي ته شيطان چاهي ٿو ته هنن کي اهڙو گمراهه ڪري جو سنئين راهه کان بلڪل پري وڃي پون. (٦١) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن انهن ماڻهن کي الله جي حڪم جي طرف جو هن نازل ڪيو آهي ۽ رسول جي طرف (جنهن جي فرمانبرداريءَ جو حڪم ڪيو ويو آهي) سڏيو وڃي ٿو تڏهن تون منافقن کي ڏسين ٿو ته توکان منهن موڙين ٿا (۽ هنن جا قدم رڪجي وڃن ٿا.)