مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

الله جي ربوبيت، حاڪميت ۽ الوهيت جي پناهه ۾ اچڻ جو حڪم

قُلۡ اَعُوۡذُ بِرَبِّ النَّاسِ ۙ﴿۱﴾ مَلِکِ النَّاسِ ۙ﴿۲﴾ اِلٰہِ النَّاسِ ۙ﴿۳﴾ مِنۡ شَرِّ الۡوَسۡوَاسِ ۬ۙ الۡخَنَّاسِ ۪ۙ﴿۴﴾ الَّذِیۡ یُوَسۡوِسُ فِیۡ صُدُوۡرِ النَّاسِ ۙ﴿۵﴾ مِنَ الۡجِنَّۃِ وَ النَّاسِ ٪﴿۶﴾
(الناس: ۱ کان ۶)

(١) (اي پيغمبر!) چئو ته، آءٌ انسانيت جي (اڪيلي) پالڻهار جي پناهه ۾ اچان ٿو. (توحيد في الربوبيت). (٢) ماڻهن جي اڪيلي حاڪم جي پناهه ۾ اچان ٿو (توحيد في الصفات). (٣) ماڻهن جي اڪيلي معبود جي پناهه ۾ اچان ٿو، (توحيد في العبادت). (٤) (۽ دلين ۾) وسوسي وجهندڙ جي بڇڙائيءَ کان (جيڪو پردي پويان توحيد جي ٽنهي اطاعتن جي باري عقيدن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ) آهي. (٥) جيڪو (مختلف جماعتن ۽ نظرين جي آڙ ۾ ٽنهي اطاعتن خلاف) ماڻهن جي دلين ۾ وسوسا وجهي ٿو. (٦) جنن (لڪيل قوتن ۽ طريقن) مان هجي يا ماڻهن (جي جوڙيل گمراهه طريقن) مان هجي. (الله! تنهنجي اطاعت واري رستي تي هلڻ لاءِ ماڻهن ۽ گروهن جي سڀني چالبازين ۽ رڪاوٽن کان پناهه).