حلال کائڻ جو حڪم
(١٦٨) اي انسانؤ! زمين تي جيڪي به حلال ۽ پاڪ شيون موجود آهن سي بيشڪ شوق سان کائو (پاڻ تي اجايون رڪاوٽون وجهڻ شيطاني وسوسا آهن) توهان شيطان جي نقش قدم تي نه هلو، هو اوهان جو کليو کلايو دشمن آهي.
****
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا کُلُوۡا مِنۡ طَیِّبٰتِ مَا رَزَقۡنٰکُمۡ وَ اشۡکُرُوۡا لِلّٰہِ اِنۡ کُنۡتُمۡ
اِیَّاہُ تَعۡبُدُوۡنَ ﴿۱۷۲﴾ (البقره: ۱۷۲)
(١٧٢) اي مؤمنو! جيڪڏهن توهان فقط الله جي ٻانهپ ڪرڻ وارا آهيو (۽ ڄاڻو ٿا ته حلال ۽ حرام به نسبت سندس ئي حڪمن تي هلڻو آهي) ته پوءِ اهي سڀ پاڪ شيون کائو جي الله تعاليٰ اوهان جي کائڻ لاءِ پيدا ڪيون آهن ۽ جيڪڏهن توهان فقط خدا جي عبادت ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ (توهان ان جي ڏنل نعمتن کي چڱيءَ طرح ڪم آڻي) سچي شڪر گذاري ڪيو.
****
یٰۤاَیُّہَا الرُّسُلُ کُلُوۡا مِنَ الطَّیِّبٰتِ وَ اعۡمَلُوۡا صَالِحًا ؕ اِنِّیۡ بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ عَلِیۡمٌ ﴿ؕ۵۱﴾
(المومنون: ۵۱)
(٥١) اي پيغمبر! پاڪ شيون کائو ۽ چڱا عمل ڪيو. توهان جيڪي به ڪيو ٿا سو مون کان ڳجهو ناهي.