ڪافرن اڳيان گوڏا نه کوڙيو فَلَا تُطِعِ الۡکٰفِرِیۡنَ وَ جَاہِدۡہُمۡ بِہٖ جِہَادًا کَبِیۡرًا ﴿۵۲﴾ (الفرقان: ۵۲) (٥٢) پوءِ (اي منهنجا رسول تون) هنن ڪافرن جي چوڻ (۽ خواهشن) تي نه هل، بلڪ هن (قرآن ٻڌائڻ) سان هنن (جي هدايت) لاءِ جهاد يعني سخت ۾ سخت ڪوشش ڪندو رهه جو وڏي ۾ وڏو جهاد آهي.