مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

الله ۽ رسول جي فرمانبرداري

قُلۡ اَطِیۡعُوا اللّٰہَ وَ اَطِیۡعُوا الرَّسُوۡلَ ۚ فَاِنۡ تَوَلَّوۡا فَاِنَّمَا عَلَیۡہِ مَا حُمِّلَ وَ عَلَیۡکُمۡ مَّا حُمِّلۡتُمۡ ؕ وَ اِنۡ تُطِیۡعُوۡہُ تَہۡتَدُوۡا ؕ وَ مَا عَلَی الرَّسُوۡلِ اِلَّا الۡبَلٰغُ الۡمُبِیۡنُ ﴿۵۴﴾
(النور: ۵۴)

(٥٤) ۽ (اي پيغمبر! تون) عام اعلان ڪر ته (اي انسانو) الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪيو. توهان جيڪڏهن (ائين ڪرڻ کان) منهن موڙيندؤ ته (توهان جو ئي نقصان آهي) منهنجي ذمي ته رڳو (حڪم پهچائڻ جو) بار آهي ۽ توهان ئي پنهنجي (عملن جي) بار کڻڻ جا ذميوار آهيو ۽ جيڪڏهن توهان منهنجي فرمانبرداري ڪندؤ ته (سچي) هدايت واري واٽ تي هوندؤ (۽ ڪامياب ٿيندؤ). ۽ رسول جي ذمي ته ٻيو ڪجهه به ناهي، سواءِ هن جي ته هو حق جو پيغام چٽيءَ طرح (ماڻهن کي) پهچائي ڏئي.
****

فَاِنَّمَا عَلَیۡکَ الۡبَلٰغُ وَ عَلَیۡنَا الۡحِسَابُ (الرعد: ۴۰)

بهرحال جيڪي تنهنجي ذمي آهي سو آهي فقط حق جو پيغام پهچائڻ، هنن کان (سندن ڪمن جو) حساب وٺڻ اسان جو ڪم آهي (نه تنهنجو).
****

وَ اَقِیۡمُوا الصَّلٰوۃَ وَ اٰتُوا الزَّکٰوۃَ وَ اَطِیۡعُوا الرَّسُوۡلَ لَعَلَّکُمۡ تُرۡحَمُوۡنَ ﴿۵۶﴾ (النور: ۵۶)

(٥٦) ۽ (اي مسلمانو!) نماز قائم ڪيو ۽ زڪوات ادا ڪيو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو ته توهان تي رحم ڪيو وڃي. (زباني مسلماني ۽ سکڻو ايمان ڪم نه ايندو).