گناهن جي باوجود پنهنجي رب مان نااميد نه ٿيو
(٥٣) (اي پيغمبر! ماڻهن کي منهنجو پيغام) ٻڌاءِ ته اي منهنجا بندؤ جن (منهنجي واٽ ڇڏي بدعمل ڪري) پاڻ تي پاڻ زيادتي ۽ ظلم ڪيو آهي سي خدا جي رحمت مان اميد نه لاهيو، (جيڪڏن هاڻي به منهنجي ڏيکاريل واٽ تي هلڻ شروع ڪيو ته مان به رحمت جي موٽ ڪندس). يقيناً الله تعاليٰ (ان حالت ۾) سڀ گناهه بخشي ٿو ڇڏي. يقيناً هو وڏو بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.
****
یٰبَنِیَّ اذۡہَبُوۡا فَتَحَسَّسُوۡا مِنۡ یُّوۡسُفَ وَ اَخِیۡہِ وَ لَا تَایۡـَٔسُوۡا مِنۡ رَّوۡحِ اللّٰہِ ؕ اِنَّہٗ
لَا یَایۡـَٔسُ مِنۡ رَّوۡحِ اللّٰہِ اِلَّا الۡقَوۡمُ الۡکٰفِرُوۡنَ ﴿۸۷﴾ (يوسف: ۸۷)
(٨٧) (وري چيائين ته) اي منهنجا فرزندؤ! (هڪ ڀيرو وري به مصر) وڃو ۽ يوسف ۽ سندس ڀاءُ جو پتو لهو. الله جي رحمت کان نااميد نه ٿيو، الله جي رحمت کان نااميد فقط اهي ماڻهو ٿين ٿا جيڪي منڪر آهن.