انسانيت جو احترام ۽ مٽي مائٽي جو لحاظ
(١)اي انسانو! پنهنجي پروردگار کان ڊڄو (سندس حڪمن ۽ قانونن جي تعميل ڪيو ورنه تباهه ٿيندؤ، انهيءَ پروردگار کان ڊڄو) جنهن توهان کي هڪڙي نفس مان پيدا ڪيو ۽ ان مان ئي سندس جوڙو (يعني عورت) پيدا ڪئي. پوءِ انهن ٻنهي مان مردن ۽ عورتن جو وڏو تعداد دنيا ۾ پکيڙيو (هڪ نفس مان قبيلا، قومون، شهر ۽ ملڪ ٿي ويا ۽ مائٽي جو وڏو حلقو ٺهيو) پوءِ الله کان ڊڄو، جنهن جي نالي ۾ هڪ ٻئي کان (پيار ۽ ڳانڍاپي جي) طلب ڪيو ٿا ۽ پڻ مائٽيءَ جي معاملن ۾ (خصوصاً عورتن جي معاملن ۾) خبرداري رکجو. يقين ڄاڻو ته الله تعاليٰ اوهان تي ۽ (اوهان جي عملن تي هر وقت) نظر رکيون ويٺو آهي.