مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

مرشدن ۽ درويشن کي رب نه بڻايو

اِتَّخَذُوۡۤا اَحۡبَارَہُمۡ وَ رُہۡبَانَہُمۡ اَرۡبَابًا مِّنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ وَ الۡمَسِیۡحَ ابۡنَ مَرۡیَمَ ۚ وَ مَاۤ اُمِرُوۡۤا اِلَّا لِیَعۡبُدُوۡۤا اِلٰـہًا وَّاحِدًا ۚ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا ہُوَ ؕ سُبۡحٰنَہٗ عَمَّا یُشۡرِکُوۡنَ ﴿۳۱﴾ (التوبه: ۳۱)

(٣١) انهن (اهل ڪتاب) الله کي ڇڏي پنهنجي مرشدن ۽ درويشن کي (پنهنجا) رب کڻي بنايو آهي ۽ پڻ مريم جي پٽ مسيح کي حالانڪ کين جيڪو حڪم ڏنو ويو هو سواءِ نه هن کان سواءِ ڪجهه نه هو ته هڪ خدا جي ٻانهپ ڪيو. کانئس سو ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي (يعني خدا جي حڪمن خلاف ڪنهن به انسان جي حڪم جي تابعداري نه ڪجي) الله تعاليٰ پاڪ آهي، انهيءَ (شرڪت ۽ شريڪن) کان جي سندس ذات سان شامل ڪري رهيا آهن.