نصيبن ۾ اجائي تمنا نه ڪيو
(٣٢) الله تعاليٰ توهان مان ڪن کي وڌيڪ رزق (۽ ٻيو ڪجهه) ڏنو آهي. پوءِ ان بابت ريس يا لالچ يا حسد نه رکو (خصوصاً جيئن) مرد کي پنهنجي عملن ۽ ڪمائي جي ڦل تي حق ۽ حصو آهي (تيئن) عورت کي به پنهنجي عملن ۽ ڪمائي جي ڦل تي حق ۽ حصو آهي. (هڪ ٻئي سان ريس ۽ ساڙ نه ڪيو، نڪي هڪ ٻئي ۾ لالچ رکو بلڪه) خدا کان سندس فضل ۽ نعمتون گهرو. بيشڪ الله تعاليٰ هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي.