مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

جماعت سان نماز ۽ زڪوات جي ادائگي

وَ اَقِیۡمُوا الصَّلٰوۃَ وَ اٰتُوا الزَّکٰوۃَ وَ ارۡکَعُوۡا مَعَ الرّٰکِعِیۡنَ ﴿۴۳﴾ (البقره: ۴۳)
(٤٣) ۽ نماز قائم ڪيو ۽ زڪوات ادا ڪيو ۽ الله جي حضور ۾ جهڪڻ وارن سان گڏ توهان به نياز جو سر جهڪايو.
****
وَ اَقِیۡمُوا الصَّلٰوۃَ وَ اٰتُوا الزَّکٰوۃَ ؕ وَ مَا تُقَدِّمُوۡا لِاَنۡفُسِکُمۡ مِّنۡ خَیۡرٍ تَجِدُوۡہُ عِنۡدَ اللّٰہِ ؕ اِنَّ اللّٰہَ بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ بَصِیۡرٌ ﴿۱۱۰﴾ (البقره: ۱۱۰)
(١١٠) ۽ نماز قائم ڪيو ۽ زڪوات ڏيو (ياد رکو ته) جيڪا به چڱاين جي موڙي پنهنجي لاءِ گڏ ڪيو ٿا ان جو چڱو نتيجو الله تعاليٰ وٽ ڏسندؤ، (يعني ايندڙ وقت ۾ انهن جا فائدا ظاهر ٿيندا) جيڪي جيڪي اوهان ڪيو ٿا سو الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڏسي ٿو.
****
وَ کَانَ یَاۡمُرُ اَہۡلَہٗ بِالصَّلٰوۃِ وَ الزَّکٰوۃِ ۪ وَ کَانَ عِنۡدَ رَبِّہٖ مَرۡضِیًّا ﴿۵۵﴾ (مريم: ۵۵)
(٥٥) ۽ هو پنهنجي گهر جي ماڻهن کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم ڏيندو هو ۽ هو (سڀني ڳالهين ۾) پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ پسند پيل هو.