مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

مشرڪ سان نڪاح نه ڪيو

وَ لَا تَنۡکِحُوا الۡمُشۡرِکٰتِ حَتّٰی یُؤۡمِنَّ ؕ وَ لَاَمَۃٌ مُّؤۡمِنَۃٌ خَیۡرٌ مِّنۡ مُّشۡرِکَۃٍ وَّ لَوۡ اَعۡجَبَتۡکُمۡ ۚ وَ لَا تُنۡکِحُوا الۡمُشۡرِکِیۡنَ حَتّٰی یُؤۡمِنُوۡا ؕ وَ لَعَبۡدٌ مُّؤۡمِنٌ خَیۡرٌ مِّنۡ مُّشۡرِکٍ وَّ لَوۡ اَعۡجَبَکُمۡ ؕ اُولٰٓئِکَ یَدۡعُوۡنَ اِلَی النَّارِ ۚۖ وَ اللّٰہُ یَدۡعُوۡۤا اِلَی الۡجَنَّۃِ وَ الۡمَغۡفِرَۃِ بِاِذۡنِہٖ ۚ وَ یُبَیِّنُ اٰیٰتِہٖ لِلنَّاسِ لَعَلَّہُمۡ یَتَذَکَّرُوۡنَ ﴿۲۲۱﴾٪ (البقره: ۲۲۱)

(٢٢١) مشرڪ عورتن سان جيستائين هو مسلمان نه ٿين نڪاح نه ڪيو. هڪ مشرڪ عورت اوهان کي ظاهري طرح ڪيترو به وڻي ته به مؤمن عورت هن کان گهڻو بهتر آهي. ساڳئيءَ طرح مشرڪ مرد جيستائين ايمان نه آڻي کيس مؤمن عورت نڪاح ۾ نه ڏني وڃي. يقيناً خدا جو مؤمن ٻانهو هڪ مشرڪ مرد کان بهتر آهي، اگرچه اهو مشرڪ ظاهر ۾ اوهان کي پسند اچي. اهي مشرڪ اوهان کي (پنهنجي دين کان ڦيرائڻ چاهين ٿا) ۽ دوزخ جي طرف سڏين ٿا ۽ الله تعاليٰ پنهنجي حڪم سان اوهان کي (حق جو دين سيکاري) جنت ۾ مغفرت جي طرف سڏي رهيو آهي. (اهڙيءَ طرح) الله تعاليٰ ماڻهن جي رهنمائيءَ لاءِ پنهنجون نشانيون ۽ هدايتون چٽيون ڪري ٿو ٻڌائي ته خبردار ٿين ۽ نصيحت تي عمل ڪن.