عمل صالح جو نتيجو
(٩٧) جيڪو به چڱا عمل ٿو ڪري، مرد هجي خواهه عورت ۽ اهو مؤمن به هجي تنهن کي اسان ضرور (هن ئي دنيا ۾) چڱي زندگي بسر ڪرائينداسين ۽ آخرت ۾ به ضرور هن کي وڏو اجر ڏينداسين. هنن جيڪي به چڱا ڪم ڪيا آهن تن جي مطابق اسان جو به چڱو اجر کين ملندو.