ماڻهو پنهنجي عملن جو پاڻ ذميوار آهي
۽ (ڏسو) هرهڪ ماڻهو پنهنجي عملن سان جيڪي ڪمائي ٿو سو انهيءَ جي ذمي ٿئي ٿو، (چڱا عمل ڪندو ته پاڻ کي ئي فائدو پوندس ۽ بدعمل ڪندو ته پاڻ کي ئي نقصان رسندس) ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار نٿو کڻي.
انسان جو اهو ئي آهي جيڪو پنهنجي هٿ سان ڪمائي ڪري ٿو
اَلَّا تَزِرُ وَازِرَۃٌ وِّزۡرَ اُخۡرٰی ﴿ۙ۳۸﴾ وَ اَنۡ لَّیۡسَ لِلۡاِنۡسَانِ اِلَّا مَا سَعٰی ﴿ۙ۳۹﴾ وَ اَنَّ سَعۡیَہٗ سَوۡفَ یُرٰی ﴿۪۴۰﴾ ثُمَّ یُجۡزٰىہُ الۡجَزَآءَ الۡاَوۡفٰی ﴿ۙ۴۱﴾ (النجم: ۳۸ کان ۴۱)
(انهن صحيفن ۾ فرمايل آهي) ته ڪوبه بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار کڻي نٿو سگهي. (٣٩) ۽ هرهڪ انسان کي فقط اهو ڪم ايندو جيڪو پاڻ پنهنجي ڪوشش ۽ محنت سان ڪيو هوندائين. (٤٠) ۽ يقيناً ڪوشش ۽ محنت (جو نتيجو) ضرور جلد ئي ڏسڻ ۾ ايندو. (٤١) پوءِ هن کي پورو پورو بدلو ملي ويندو.