پنهنجي آوازن کي نبيءَ جي آواز کان مٿي نه ڪيو
(الحجرات: ۲)
(٢) اي مؤمنؤ! (ڳالهائڻ مهل) پنهنجا آواز رسولﷺ جي آواز کان مٿي نه ڪيو ۽ ساڻس (ڳالهائڻ مهل) زور سان (يا جوش سان) نه ڳالهايو، جيئن توهان هڪ ٻئي سان زور سان ڳالهائيندا آهيو. (ساڻس زور سان نه ڳالهايو ته) متان توهان جا (چڱا) عمل به برباد ٿي نه وڃن ۽ توهان کي خبر به ڪانه پوي. (سو آئينده لاءِ خبردار ٿيو).