مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

جهاد جو حڪم

کُتِبَ عَلَیۡکُمُ الۡقِتَالُ وَ ہُوَ کُرۡہٌ لَّکُمۡ ۚ وَ عَسٰۤی اَنۡ تَکۡرَہُوۡا شَیۡئًا وَّ ہُوَ خَیۡرٌ لَّکُمۡ ۚ وَ عَسٰۤی اَنۡ تُحِبُّوۡا شَیۡئًا وَّ ہُوَ شَرٌّ لَّکُمۡ ؕ وَ اللّٰہُ یَعۡلَمُ وَ اَنۡتُمۡ لَا تَعۡلَمُوۡنَ ﴿۲۱۶﴾٪
(البقره: ۲۱۶)

(٢١٦) توهان کي لڙائيءَ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اهو توهان کي نٿو وڻي، پر ممڪن آهي ته جيڪا شيءِ توهان کي ناپسند آهي سا توهان جي لاءِ فائدي واري هجي ۽ جيڪا توهان پسند ٿا ڪيو سا توهان جي لاءِ نقصانڪار هجي. الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو، پر توهان نٿا ڄاڻو.
****

وَ قَاتِلُوۡا فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ وَ اعۡلَمُوۡۤا اَنَّ اللّٰہَ سَمِیۡعٌ عَلِیۡمٌ ﴿۲۴۴﴾ (البقره: ۲۴۴)

(٢٤٤) ۽ (جيڪڏهن لڙائي ڪرڻي پوي ته بهادر ٿي) خدا جي راهه ۾ لڙائي ڪريو ۽ يقين ڄاڻو ته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو.
****

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا خُذُوۡا حِذۡرَکُمۡ فَانۡفِرُوۡا ثُبَاتٍ اَوِ انۡفِرُوۡا جَمِیۡعًا ﴿۷۱﴾
(النساءِ: ۷۱)

(٧١) مؤمنؤ! پنهنجي حفاظت ۽ تياريءَ ۾ لڳا رهو، پوءِ (جڏهن ضرورت پوي تڏهن دشمن جي مقابلي لاءِ نڪرو) جدا جدا ٽولين ۾ نڪرو يا گڏجي لشڪر ڪري نڪرو (جيئن مناسب سمجهو).

****

فَلۡیُقَاتِلۡ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ الَّذِیۡنَ یَشۡرُوۡنَ الۡحَیٰوۃَ الدُّنۡیَا بِالۡاٰخِرَۃِ ؕ وَ مَنۡ یُّقَاتِلۡ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ فَیُقۡتَلۡ اَوۡ یَغۡلِبۡ فَسَوۡفَ نُؤۡتِیۡہِ اَجۡرًا عَظِیۡمًا ﴿۷۴﴾ (النساءِ: ۷۴)

(٧٤) سو جن ماڻهن آخرت جي نعمتن لاءِ دنيا جي زندگي (الله وٽ) وڪڻي ڇڏي آهي تن کي گهرجي ته (اهڙن منافقن وانگر جهاد کان نه ٽهن ۽) الله جي راهه ۾ جنگ ڪن ۽ جيڪو الله جي راهه ۾ جنگ ٿو ڪري سو قتل ٿي وڃي يا غالب پوي (هر حال ۾) اسان کيس وڏو اجر ڏينداسين.

****

اِنَّ اللّٰہَ یُحِبُّ الَّذِیۡنَ یُقَاتِلُوۡنَ فِیۡ سَبِیۡلِہٖ صَفًّا کَاَنَّہُمۡ بُنۡیَانٌ مَّرۡصُوۡصٌ﴿۴﴾
(الصّف: ۴)

(٤) بيشڪ الله انهن کي دوست رکي ٿو جيڪي (عملي طرح) سندس رستي ۾ صفون ٻڌي جنگ ڪن ٿا (۽ پنهنجي ان عمل تي ايڏو مضبوطيءَ سان بيٺل آهن) ڄڻ ته اهي شيهي پلٽيل ڀت آهن.
****

وَ لَا تَہِنُوۡا فِی ابۡتِغَآءِ الۡقَوۡمِ ؕ اِنۡ تَکُوۡنُوۡا تَاۡلَمُوۡنَ فَاِنَّہُمۡ یَاۡلَمُوۡنَ کَمَا تَاۡلَمُوۡنَ ۚ وَ تَرۡجُوۡنَ مِنَ اللّٰہِ مَا لَا یَرۡجُوۡنَ ؕ وَ کَانَ اللّٰہُ عَلِیۡمًا حَکِیۡمًا ﴿۱۰۴﴾٪ (النساءِ: ۱۰۴)

(١٠٤) ۽ دشمنن جي پوئتان پوڻ ۾ همت نه هاريو. جيڪڏهن توهان کي (جنگ ۾) تڪليف پهچي ٿي ته جهڙيءَ طرح توهان کي تڪليف ٿي ٿئي تهڙيءَ طرح هنن کي به تڪليف ٿي پهچي، پر توهان کي الله وٽان (فتح ۽ اجر جون) اهڙيون اميدون آهن جي هنن کي بلڪل نه آهن (ڇو ته توهان حق ۽ انصاف لاءِ وڙهي رهيا آهيو ۽ هو ظلم ۽ فساد جي راهه ۾ لڙي رهيا آهن). الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت رکندڙ آهي.
****

اِنَّ اللّٰہَ یُدٰفِعُ عَنِ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا ؕ اِنَّ اللّٰہَ لَا یُحِبُّ کُلَّ خَوَّانٍ کَفُوۡرٍ ﴿٪۳۸﴾ اُذِنَ لِلَّذِیۡنَ یُقٰتَلُوۡنَ بِاَنَّہُمۡ ظُلِمُوۡا ؕ وَ اِنَّ اللّٰہَ عَلٰی نَصۡرِہِمۡ لَقَدِیۡرُ ۨ ﴿ۙ۳۹﴾ (الحج: ۳۸ ، ۳۹)

(٣٨) جن ماڻهن ايمان آندو آهي تن کي يقيناً الله تعاليٰ (ظالمن جي ظلم ۽ سختين کان) بچائي ٿو. هن ۾ ذرو به شڪ ناهي ته الله تعاليٰ امانت ۾ خيانت ڪندڙن کي، جيڪي خدا جي نعمتن جا بي شڪر آهن، ڪڏهن به پسند نٿو ڪري. (٣٩) جن (مؤمنن) جي خلاف ظالمن جنگ جاري رکي آهي تن کي به هاڻي (ساڻن) جنگ ڪرڻ جي رخصت ڏني وڃي ٿي. ڇو ته هنن تي سراسر ظلم ڪيو ٿو وڃي. ۽ الله تعاليٰ بيشڪ هنن (مؤمنن) جي مدد ڪرڻ جي قدرت ۽ طاقت رکي ٿو.