وڌيڪ شادين جي مشروط اجازت
(٣) ۽ جيڪڏهن توهان کي انديشو هجي ته يتيم ڇوڪرين سان (نڪاح ڪري) انهن سان انصاف نه ڪري سگهندؤ (ته انهن سان نڪاح نه ڪيو بلڪه ٻين) عورتن مان جي پسند اچن تن سان نڪاح ڪيو، ٻن يا ٽن يا چئن سان (بشرطيڪ انهن ۾ انصاف ڪري سگهو، يعني سڀني کي سڀ حق هڪ جهڙائي ڏئي سگهو ۽ سڀني سان هڪ جهڙي هلت ڪري سگهو) جيڪڏهن توهان کي انديشو هجي ته انصاف نه ڪري سگهندؤ ته پوءِ فقط هڪ سان نڪاح ڪيو يا انهن عورتن سان نڪاح ڪيو جي (لڙائيءَ ۾ قيد ٿي) اوهان جي هٿ ۾ آيون آهن. بي انصافيءَ کان بچڻ لاءِ ائين ڪرڻ بهتر آهي (ان کان جو يتيم ڇوڪرين سان نڪاح ڪري انهن جي حقن متعلق الله وٽ ڏوهاري ٿيو).