بالغ ڇوڪرا اجازت وٺي داخل ٿين
(٥٩) ۽ جڏهن توهان جا ٻار (پنهنجا يا پراوا) بلوغت کي پهچن (يعني جوان ٿين) تڏهن گهرجي ته اهي به ساڳيءَ طرح (هر وقت ۽ هر موقعي تي) موڪل گهرن، جهڙيءَ طرح انهن کان اڳيان (يعني وڏا) موڪل گهرندا پئي آيا آهن. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ پنهنجا حڪم احڪام چٽائي سان بيان ڪري ٿو ڇڏي. (۽ وري وري ياد رکو ته سندس سڀ حڪم مفيد ۽ ضروري آهن، ڇو ته) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.