مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

والدين جي اطاعت ڪيو ۽ مشرڪ نه بڻجو

وَ وَصَّیۡنَا الۡاِنۡسَانَ بِوَالِدَیۡہِ حُسۡنًا ؕ وَ اِنۡ جَاہَدٰکَ لِتُشۡرِکَ بِیۡ مَا لَیۡسَ لَکَ بِہٖ عِلۡمٌ فَلَا تُطِعۡہُمَا ؕ اِلَیَّ مَرۡجِعُکُمۡ فَاُنَبِّئُکُمۡ بِمَا کُنۡتُمۡ تَعۡمَلُوۡنَ ﴿۸﴾ (العنڪبوت: ۸)

(٨) اسان هر انسان کي پنهنجي پيءُ ماءُ سان احسان ۽ چڱو سلوڪ ڪرڻ جي وصيت ڪئي آهي (اگرچه اهي مشرڪ هجن) پر جيڪڏهن اهي ٻئي ڪوشش ڪن ته تون مون (الله) سان ڪنهن ٻئي کي به شريڪ ڪرين (يعني منهنجي حڪمن جي ابتڙ ڪنهن ٻئي جو حڪم مڃين) جنهن ڳالهه جي باري ۾ توکي پورو علم ئي ڪونه آهي ته پوءِ انهن جي فرمانبرداري نه ڪر (ٻين اهڙين ڳالهين ۾ انهن جي تابعداري. بيشڪ جن ۾ خدا جي حڪمن جي انحرافي ڪانه ٿي ٿئي. ياد رکو ته) اوهان سڀني کي مون ڏي ئي موٽڻو آهي پوءِ (ان وقت) مان اوهان کي ٻڌائيندس ته توهان ڪهڙا ڪهڙا عمل ڪيا هئا.