انهن ماڻهن جا ڪرتوت جن کي عذاب ڏنو ويندو
(١٥) جيڪو (فقط) دنيا جي زندگي ۽ ان جي زينت چاهي ٿو تنهن لاءِ (اسان جو قانون هي آهي ته) سندس ڪوشش ۽ عمل جا نتيجا هتي (هن دنيا ۾) پورا پورا ڏئي ڇڏيون ٿا ۽ هن لاءِ هن دنيا ۾ ڪجهه به گهٽتائي ڪانه ٿي ڪئي وڃي. (١٦) پر (ياد رکو ته) هي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ آخرت (جي زندگيءَ) ۾ (دوزخ جي) باهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو. (ڇو ته هو حقيقتن کان منڪر ٿي گناهه جا ڪم به ڪندا هئا). جيڪي به هنن دنيا ۾ ٺاهيو سو سڀ ضايع ٿي ويندو ۽ جيڪي عمل هو ڪندا رهيا آهن سي نابود ٿي ويندا. (١٧) وري ڏسو ته جيڪو ماڻهو پنهنجي پروردگار جي طرف کان هڪڙو روشن دليل رکندڙ هجي (يعني وجدان ۽ عقل جو فيصلو) ۽ ان سان گڏ هڪڙو شاهد به هن جي طرف کان اچي ويو هجي (يعني الله جو وحي) ۽ ان کان اڳي حضرت موسيٰ جو ڪتاب جو رهنمائي ڪندڙ ۽ سراسر رحمت هو سو به اچي چڪو هجي (۽ تصديق ڪندڙ هجي ته پوءِ به اهڙا ماڻهو انڪار ڪري ٿا سگهن ڇا؟ نه) اهي ماڻهو مٿس ايمان آڻين ٿا ۽ (ملڪ جي مختلف) ٽولين مان جيڪي به ان جا منڪر ٿيا تن بابت يقين رکو ته انهن لاءِ (دوزخ جي) باهه ئي (ٺڪاڻو) آهي، جنهن جي کين واعدو ڪيو ويو آهي. پوءِ (اي پيغمبر!) تون ان باري ۾ ڪنهن به طرح جو شڪ نه آڻ. (يعني قرآن جي دعوت جي ڪاميابي بابت ڪنهن به طرح جو شڪ نه ڪجانءِ) اهو تنهنجي پروردگار جي طرف کان حق ئي حق آهي، پر (افسوس! هيئن ٿو ٿئي جو) اڪثر ماڻهو (سچائيءَ تي) ايمان نٿا آڻين. (١٨) ۽ انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي سگهي ٿو جو ڪوڙ ڳالهائي خدا تي بهتان لڳائي، جيڪي ائين ڪري رهيا آهن، سي پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ پيش ڪيا ويندا ۽ ان وقت شاهد شاهدي ڏيندا ته هي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پروردگار تي ڪوڙ هنيو هو. سو ٻڌي ڇڏيو ته انهن ظالمن تي الله جي لعنت آهي. (١٩) جيڪي الله جي راهه کان سندس بندن کي روڪين ٿا ۽ چاهين ٿا ته ان ۾ ور وڪڙ ۽ ڏنگائي پيدا ڪن ۽ جي آخرت جا به منڪر آهن. (٢٠) اهي ماڻهو نڪي زمين ۾ (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا آهن (يعني الله جي ڪمن کي روڪي ڪين سگهندا) نڪي الله کان سواءِ انهن جو ڪوئي ڪارساز آهي. انهن کي ٻيڻو عذاب ٿيندو. (ڇو ته سندن سرڪشي ۽ ضديت اهڙي ته هئي جو) نڪي حق جي ڳالهه ٻڌي سگهندا هئا، نڪي (حقيقت جي روشني) ڏسي سگهندا هئا.