خدا جي درٻار ۾ سنورجي اچو ۽ اسراف نه ڪيو
(٣١) اي آدم جا اولاد! نماز جي هر وقت ۽ هر هنڌ سٺائي ۽ سينگار رکو ۽ (بيشڪ) کائو پيئو، (يعني الله تعاليٰ جون ڏنل نعمتون ماڻيو) پر حدن کان ٻاهر نه وڃو. (حدن کان ٻاهر وڃڻ ۾ اوهان جو ئي نقصان آهي) بيشڪ الله تعاليٰ انهن کي پسند نٿو ڪري جيڪي حدن کان ٻاهر ٿا وڃن.