نوڙت ۽ خلوت سان رب کي پڪاريو
(٥٥) (اي انسانو!) خدا کي نماڻائي ۽ آهه زاريءَ سان ۽ خلوت ۾ (اڪيلائي ۾ آهسته آهسته، (نه وڏي واڪي سان) پڪاريو. (ياد رکو ته الله تعاليٰ دل جا خيال به ڄاڻي ٿو. ظاهري ڏيک ويک ڪرڻ ۽ هٺ وڏائي رکڻ واري دعا يا نماز گهربل اخلاقي بلندي ۽ روحانيت پيدا نه ڪندي اٽلندو خدا کان دور ڪندي) يقين ڄاڻو ته الله انهن کي حب نٿو ڪري جي حدن کان ٻاهر وڃن.