مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

اسلامي قانون جي مطابق فيصلو ڪرڻ

اِنَّاۤ اَنۡزَلۡنَا التَّوۡرٰىۃَ فِیۡہَا ہُدًی وَّ نُوۡرٌ ۚ یَحۡکُمُ بِہَا النَّبِیُّوۡنَ الَّذِیۡنَ اَسۡلَمُوۡا لِلَّذِیۡنَ ہَادُوۡا وَ الرَّبّٰنِیُّوۡنَ وَ الۡاَحۡبَارُ بِمَا اسۡتُحۡفِظُوۡا مِنۡ کِتٰبِ اللّٰہِ وَ کَانُوۡا عَلَیۡہِ شُہَدَآءَ ۚ فَلَا تَخۡشَوُا النَّاسَ وَ اخۡشَوۡنِ وَ لَا تَشۡتَرُوۡا بِاٰیٰتِیۡ ثَمَنًا قَلِیۡلًا ؕ وَ مَنۡ لَّمۡ یَحۡکُمۡ بِمَاۤ اَنۡزَلَ اللّٰہُ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡکٰفِرُوۡنَ ﴿۴۴﴾ (المائده: ۴۴)

(٤٤) بيشڪ اسان تورات نازل ڪيو. ان ۾ هدايت ۽ روشني آهي، خدا جا نبي جيڪي (خدا جي حڪمن جا) فرمانبردار هئا، انهيءَ (تورات) جي مطابق يهودين کي حڪم ڏيندا هئا ۽ پڻ رِبي ۽ احبار (يعني يهودين جا علماء ۽ مشائخ) انهيءَ (تورات) تي عمل ڪندا هئا. ڇو ته هو انهيءَ الله جي ڪتاب جا محافظ ٺهرايا ويا هئا ۽ ان (جي حڪمن ۽ هدايتن) تي شاهد هئا، پوءِ (اي يهودين جي جماعت وارؤ! حق جي تابعداري ڪرڻ ۾) ماڻهن کان نه ڊڄو. مون کان ڊڄو ۽ منهنجي آيتن کي (دنيائي فائدي جي) ٿورڙي بَها تي وڪڻي نه ڇڏيو. (ياد رکو ته) جيڪڏهن ڪوبه خدا جي نازل ڪيل ڪتاب مطابق حڪم نه ڏيندو ته اهڙائي ماڻهو آهن، جي ڪافر آهن.
****

وَ کَتَبۡنَا عَلَیۡہِمۡ فِیۡہَاۤ اَنَّ النَّفۡسَ بِالنَّفۡسِ ۙ وَ الۡعَیۡنَ بِالۡعَیۡنِ وَ الۡاَنۡفَ بِالۡاَنۡفِ وَ الۡاُذُنَ بِالۡاُذُنِ وَ السِّنَّ بِالسِّنِّ ۙ وَ الۡجُرُوۡحَ قِصَاصٌ ؕ فَمَنۡ تَصَدَّقَ بِہٖ فَہُوَ کَفَّارَۃٌ لَّہٗ ؕ وَ مَنۡ لَّمۡ یَحۡکُمۡ بِمَاۤ اَنۡزَلَ اللّٰہُ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الظّٰلِمُوۡنَ ﴿۴۵﴾ (المائده: ۴۵)

(٤٥) ۽ اسان (يهودين جي لاءِ تورات ۾) هي حڪم ڏنو هو ته جان جي عيوض ۾ جان، اک جي عيوض ۾ اک، نڪ جي عيوض ۾ نڪ، ڪن جي عيوض ۾ ڪن، ڏند جي عيوض ۾ ڏند ۽ زخمن جي عيوض ۾ اهڙائي زخم. پوءِ جيڪو بدلو وٺڻ معاف ڪري ڇڏي تنهن لاءِ اها (معافي سندس گناهن جو) ڪفارو ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪو خدا جي نازل ڪيل ڪتاب موجب حڪم نه ڏيندو ته اهڙائي ماڻهو آهن جي ظلم ڪندڙ آهن.
****

وَ لۡیَحۡکُمۡ اَہۡلُ الۡاِنۡجِیۡلِ بِمَاۤ اَنۡزَلَ اللّٰہُ فِیۡہِ ؕ وَ مَنۡ لَّمۡ یَحۡکُمۡ بِمَاۤ اَنۡزَلَ اللّٰہُ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡفٰسِقُوۡنَ ﴿۴۷﴾ (المائده: ۴۷)

(٤٧) انجيل وارن (عيسائين) کي گهرجي ته جيڪي انجيل ۾ الله تعاليٰ نازل ڪيو آهي تنهن موجب حڪم ڏين، ۽ جيڪڏهن ڪو خدا جي نازل ڪيل ڪتاب موجب حڪم نه ڏيندو ته پوءِ اهڙائي ماڻهو آهن جي فاسق آهن.
****

قُلۡ یٰۤاَہۡلَ الۡکِتٰبِ لَسۡتُمۡ عَلٰی شَیۡءٍ حَتّٰی تُقِیۡمُوا التَّوۡرٰىۃَ وَ الۡاِنۡجِیۡلَ وَ مَاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡکُمۡ مِّنۡ رَّبِّکُمۡ ؕ وَ لَیَزِیۡدَنَّ کَثِیۡرًا مِّنۡہُمۡ مَّاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡکَ مِنۡ رَّبِّکَ طُغۡیَانًا وَّ کُفۡرًا ۚ فَلَا تَاۡسَ عَلَی الۡقَوۡمِ الۡکٰفِرِیۡنَ ﴿۶۸﴾ (المائده: ۶۸)

(٦٨) (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي چئو ته، اي اهل ڪتاب! توهان وٽ ڪابه شيءِ ڪانهي (جنهن تي بيهي سگهو) جستائين ڪه تورات ۽ انجيل تي ۽ ان تي جيڪي اوهان جي پروردگار وٽان اوهان تي نازل ٿيو آهي، قائم رهو. ۽ (اي پيغمبر! تون ڏسندين ته) جيڪي تنهنجي پروردگار وٽان توتي نازل ٿيو آهي سو (هنن کي هدايت ۽ نصيحت جو سبب ٿيڻ بدران) هنن کي سرڪشي ۽ ڪفر ۾ وڌائيندو (ڇو ته، کين توسان حسد ۽ ساڙ آهي). پوءِ تون انهيءَ انڪار ڪندڙ قوم جي حالت تي افسوس نه ڪر.