مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

الله جو ذڪر ۽ تسبيح

یٰۤاَیُّہَاالَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اذۡکُرُوا اللّٰہَ ذِکۡرًا کَثِیۡرًا﴿ۙ۴۱﴾ وَّ سَبِّحُوۡہُ بُکۡرَۃً وَّ اَصِیۡلًا ﴿۴۲﴾ ہُوَ الَّذِیۡ یُصَلِّیۡ عَلَیۡکُمۡ وَ مَلٰٓئِکَتُہٗ لِیُخۡرِجَکُمۡ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوۡرِ ؕ وَ کَانَ بِالۡمُؤۡمِنِیۡنَ رَحِیۡمًا ﴿۴۳﴾ تَحِیَّتُہُمۡ یَوۡمَ یَلۡقَوۡنَہٗ سَلٰمٌ ۖۚ وَ اَعَدَّ لَہُمۡ اَجۡرًا کَرِیۡمًا ﴿۴۴﴾
(الاحزاب: ۴۱، ۴۲، ۴۳، ۴۴)

(٤١) اي مؤمنؤ! (هر وقت) خدا کي ياد ڪندا رهو ۽ گهڻو ياد ڪندا رهو (دنيائي ڪاروبار ۾ سندس حڪم ياد رکو ۽ انهن تي عمل ڪيو). (٤٢) ۽ صبح شام سندس پاڪائي ۽ شان بيان ڪند رهو (يعني هر وقت سندس صفتون ياد رکو ۽ انهن صفتن کي پاڻ ۾ پيدا ڪري انهن موجب عمل ڪيو). (٤٣) اهو ئي (الله) آهي جو اوهان (مؤمنن تي رحمتون ٿو موڪلي ۽ سندس فرشتا به دعائون ٿا گهرن ته اوهان تي رحمتون ٿين. انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ اوهان کي (جهل ۽ برائيءَ جي) اوندهه مان ڪڍي (علم ۽ نيڪيءَ جي) روشنيءَ ۾ آڻي. الله تعاليٰ مؤمنن جي لاءِ ڏاڍو رحم وارو آهي. (٤٤) جنهن ڏينهن مؤمن الله تعاليٰ سان ملندا تنهن ڏينهن انهيءَ سلام سان کين کيڪاريو ويندو ته ”السلام عليڪم“ يعني اوهان تي سلامتي هجي، ۽ انهن جي لاءِ وڏو ۽ عمدو اجر تيار ڪري رکيو اٿس.