الله جو ذڪر ۽ ان جي نعمتن جو شڪر
(١٥٢) تنهن ڪري مون کي هر وقت ياد ڪندا رهو (۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا رهو) مان به توهان کي نه وساريندس (اوهان کي اجر ۽ ڪاميابي ڏيندس) ۽ منهنجي نعمتن جو (عملاً) قدر ڪريو ۽ بي شڪر نه ٿجو.
****
وَ اذۡکُرُوۡا نِعۡمَۃَ اللّٰہِ عَلَیۡکُمۡ وَ مِیۡثَاقَہُ الَّذِیۡ وَاثَقَکُمۡ بِہٖۤ ۙ اِذۡ قُلۡتُمۡ سَمِعۡنَا وَ اَطَعۡنَا ۫ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ ؕ اِنَّ اللّٰہَ عَلِیۡمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوۡرِ ﴿۷﴾ (المائده: ۷)
(٧) الله تعاليٰ جا نعمت اوهان تي ڪئي آهي، سا ياد رکو ۽ سندس عهد اقرار نه وساريو جو مضبوطيءَ سان اوهان کان وٺي ڇڏيو اٿس، جڏهن توهان (اسلام قبول ڪندي) چيو هو ته، اسان تنهنجو حڪم ٻڌو ۽ اسان فرمانبرداري ڪئي (۽ ڪندا رهنداسين) ۽ (جڏهن ته اهڙو عهد اقرار ڪري چڪا آهيو، تڏهن هر حال ۾) خدا (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄندا رهو، جيڪي جيڪي (اوهان جي) دلين ۾ لڪل آهي سو يقيناً الله تعاليٰ کي معلوم آهي.
****
قَالَ الَّذِیۡ عِنۡدَہٗ عِلۡمٌ مِّنَ الۡکِتٰبِ اَنَا اٰتِیۡکَ بِہٖ قَبۡلَ اَنۡ یَّرۡتَدَّ اِلَیۡکَ طَرۡفُکَ ؕ فَلَمَّا رَاٰہُ مُسۡتَقِرًّا عِنۡدَہٗ قَالَ ہٰذَا مِنۡ فَضۡلِ رَبِّیۡ ۟ۖ لِیَبۡلُوَنِیۡۤ ءَاَشۡکُرُ اَمۡ اَکۡفُرُ ؕ وَ مَنۡ شَکَرَ فَاِنَّمَا یَشۡکُرُ لِنَفۡسِہٖ ۚ وَ مَنۡ کَفَرَ فَاِنَّ رَبِّیۡ غَنِیٌّ کَرِیۡمٌ ﴿۴۰﴾
(النمل: ۴۰)
(٤٠) (پر) هڪڙي شخص جنهن کي (خدائي) ڪتاب جو ڪجهه علم هو (تنهن) چيو ته، مان ان تخت کي اک ڇنڀڻ کان به اڳي آڻي سگهندس. (ان شخص کي حڪم مليو هو جهٽ پٽ تخت کڻي آيو) پوءِ جڏهن حضرت سليمان اهو تخت پنهنجي اڳيان ڏٺو تڏهن چيائين ته، هي منهنجو رب جي فضل جو نتيجو آهي. (جو مون وٽ اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي اهڙا ڪم ايڏو تڪڙو ڪري سگهن ٿا. ايترو فضل هن لاءِ آهي ته) منهنجو رب مون کي آزمائي ته مان شڪر ٿو ڪيان (۽ سندس نعمتون سندس راهه ۾ ڪم ٿو آڻيان) يا ناشڪري ٿو ڪيان ۽ حقيقت هيءَ آهي ته جيڪو به شڪر ٿو ڪري سو (رڳو) پنهنجي (فائدي) لاءِ ٿو ڪري، ۽ جيڪڏهن ڪوبه ناشڪري ٿو ڪري (ته پنهنجو ئي نقصان ٿو ڪري نه ڪه الله تعاليٰ جو) الله تعاليٰ ته يقيناً بي نياز بي پرواهه آهي. (ڪابه حاجت ڪانهيس) ۽ بيشڪ هو وڏي شان وارو ۽ وڏي سخا وارو آهي.
****
وَ لَقَدۡ اٰتَیۡنَا لُقۡمٰنَ الۡحِکۡمَۃَ اَنِ اشۡکُرۡ لِلّٰہِ ؕ وَ مَنۡ یَّشۡکُرۡ فَاِنَّمَا یَشۡکُرُ لِنَفۡسِہٖ ۚ وَ مَنۡ کَفَرَ فَاِنَّ اللّٰہَ غَنِیٌّ حَمِیۡدٌ ﴿۱۲﴾ (لقمان: ۱۲)
(١٢) ۽ هي واقعو آهي ته اسان لقمان کي دانائي، عقل ۽ حڪمت ڏني هئي (خاص طرح هي) ته الله تعاليٰ جو شڪر بجا آڻيندو رهه. (۽ سندس ڏنل نعمتن کي چڱيءَ طرح ڪم آڻيندو رهه) جيڪو ماڻهو ان طرح شڪرگذاري ٿو ڪري سو درحقيقت پنهنجي فائدي لاءِ ٿو ائين ڪري (ان ۾ سندس ئي فائدو آهي، نه ڪه الله تعاليٰ جو، ڇو ته هو ڪنهن به ڳالهه جو محتاج ناهي) ۽ جيڪو خدا جي بي شڪري ڪري ٿو (۽ سندس نعمتون ضايع ٿو ڪري (سو به خدا جو ڪجهه به نقصان ڪونه ٿو ڪري ڇو ته) الله تعاليٰ يقيناً بي نياز بي پرواهه آهي ۽ ڪامل صفتن سان موصوف آهي.
****
اِنۡ تَکۡفُرُوۡا فَاِنَّ اللّٰہَ غَنِیٌّ عَنۡکُمۡ ۟ وَ لَا یَرۡضٰی لِعِبَادِہِ الۡکُفۡرَ ۚ وَ اِنۡ تَشۡکُرُوۡا یَرۡضَہُ لَکُمۡ ؕ وَ لَا تَزِرُ وَازِرَۃٌ وِّزۡرَ اُخۡرٰی ؕ ثُمَّ اِلٰی رَبِّکُمۡ مَّرۡجِعُکُمۡ فَیُنَبِّئُکُمۡ بِمَا کُنۡتُمۡ تَعۡمَلُوۡنَ ؕ اِنَّہٗ عَلِیۡمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوۡرِ ﴿۷﴾ (الزمر: ۷)
(٧) (ياد رکو ته) جيڪڏهن توهان بي شڪر ٿي ڪفر جي واٽ ٿا وٺو ته الله تعاليٰ کي توهان جي ڪابه پرواهه ناهي. (پر هو اهڙو رحم وارو آهي جو) پنهنجي ٻانهن جو ڪفر (۽ تباهي) کيس بلڪل پسند ناهي. پر جيڪڏهن توهان شڪرگذار آهيو (۽ سندس قرآن جو قدر ڪري ان تي عمل ٿا ڪيو) ته هو اوهان کان راضي ۽ خوش ٿو ٿئي ۽ (ياد رکو ته، توهان جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ ۽ بدعمل ڪندؤ ته توهان جي عذاب جو بار ٻيو ڪوبه نه کڻندو ڇو ته) ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار کڻي نٿو سگهي. (۽ ياد رکو ته) توهان کي پنهنجي پروردگار ڏي موٽڻو آهي. پوءِ هو اوهان کي اوهان جي ئي عملن جي حقيقت ٻڌائيندو. يقيناً هو دلين ۾ لڪايل ڳالهيون به خوب ڄاڻي ٿو.
****
وَ وَصَّیۡنَا الۡاِنۡسَانَ بِوَالِدَیۡہِ اِحۡسٰنًا ؕ حَمَلَتۡہُ اُمُّہٗ کُرۡہًا وَّ وَضَعَتۡہُ کُرۡہًا ؕ وَ حَمۡلُہٗ وَ فِصٰلُہٗ ثَلٰثُوۡنَ شَہۡرًا ؕ حَتّٰۤی اِذَا بَلَغَ اَشُدَّہٗ وَ بَلَغَ اَرۡبَعِیۡنَ سَنَۃً ۙ قَالَ رَبِّ اَوۡزِعۡنِیۡۤ اَنۡ اَشۡکُرَ نِعۡمَتَکَ الَّتِیۡۤ اَنۡعَمۡتَ عَلَیَّ وَ عَلٰی وَالِدَیَّ وَ اَنۡ اَعۡمَلَ صَالِحًا تَرۡضٰہُ وَ اَصۡلِحۡ لِیۡ فِیۡ ذُرِّیَّتِیۡ ۚؕ اِنِّیۡ تُبۡتُ اِلَیۡکَ وَ اِنِّیۡ مِنَ الۡمُسۡلِمِیۡنَ ﴿۱۵﴾ (الاحقاف: ۱۵)
(١٥) ۽ اسان انسان کي پنهنجي ماءُ پيءُ سان سهڻي سلوڪ ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو آهي. (ڏسو) سندس ماءُ هن کي وڏي تڪليف سان (اٽڪل 9 مهينا) پيٽ ۾ کنيو ۽ وڏي تڪليف سان هن کي ڄڻيائين، ۽ هن کي پيٽ ۾ سانڍڻ کان وٺي ٿڃ ڇڏائڻ تائين ٽيهه مهينا لڳي ٿا وڃن. (پوءِ ڇو نه انسان کي پنهنجي ماءُ جي خدمت، پيار ۽ عزت سان ڪرڻ گهرجي). آخر اهو (ٻار) طاقت واري جوانيءَ ۾ اچي ٿو ۽ (پوءِ) چاليهن ورهن جي ڄمار کي پهچي ٿو. (ان عمر ۾ عقل وارو ٿئي ٿو ۽) چوي ٿو ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي توفيق ڏي ته مان تنهنجي انهن نعمتن جو شڪريو بجا آڻيان جي تو مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي ڪيون آهن، ۽ پڻ توفيق ڏي ته مان اهڙا نيڪ عمل ڪيان جي توکي پسند پون ۽ منهنجي اولاد کي منهنجي لاءِ نيڪ ڪجانءِ، مان توڏي رجوع ٿو ٿيان، ۽ يقيناً مان (تنهنجي) فرمانردار ٻانهن مان آهيان.
****
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اَطِیۡعُوا اللّٰہَ وَ اَطِیۡعُوا الرَّسُوۡلَ وَ لَا تُبۡطِلُوۡۤا اَعۡمَالَکُمۡ ﴿۳۳﴾
(محمد: ۳۳)
(٣٣) اي مؤمنؤ! الله جي فرمانبرداري ڪيو ۽ حضرت رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪيو ۽ پنهنجا عمل ضايع نه ڪري ڇڏيو.
****
لِاِیۡلٰفِ قُرَیۡشٍ ۙ﴿۱﴾ اٖلٰفِہِمۡ رِحۡلَۃَ الشِّتَآءِ وَ الصَّیۡفِ ۚ﴿۲﴾ فَلۡیَعۡبُدُوۡا رَبَّ ہٰذَا الۡبَیۡتِ ۙ﴿۳﴾ الَّذِیۡۤ اَطۡعَمَہُمۡ مِّنۡ جُوۡعٍ ۬ۙ وَّ اٰمَنَہُمۡ مِّنۡ خَوۡفٍ ٪﴿۴﴾ (قريش: ۱ کان ۴)
(١) قريشن کي چاهه ڏيڻ جي ڪري، (جو اهي ڪعبي جا متولي آهن.) (٢) (ان عزت ۽ احترام جو نتيجو آهي جو چوڌاري قبيلن ۽ ملڪن انهن کي) سياري ۽ اونهاري جي مسافريءَ سان انهن (جي قافلن) کي چاهت سان (حفاظت ۾) رکيو آهي. (٣) (ليڪن قريشين ان ڪعبي جي امين بنجڻ واري ذميواريءَ کي وساري ڇڏيو آهي،) سو کين جڳائي ته اهي هن گهر جي مالڪ جي عبادت ڪن. (٤) جنهن انهن کي (ڪعبي جي ڪري تجارت ۾ سهولت ڏيئي) بک کان کاڌو ڏنو ۽ (قبيلن جي ڦرلٽ جي) ڊپ کان بچايو. (ته جيئن مطمئن ٿي ڪعبي کي خدائي نظام جو مرڪز بنائن.)
صبر ڪرڻ وارن تي الله جي رحمت هوندي آهي
وَ لَنَبۡلُوَنَّکُمۡ بِشَیۡءٍ مِّنَ الۡخَوۡفِ وَ الۡجُوۡعِ وَ نَقۡصٍ مِّنَ الۡاَمۡوَالِ وَ الۡاَنۡفُسِ وَ الثَّمَرٰتِ ؕ وَ بَشِّرِ الصّٰبِرِیۡنَ ﴿۱۵۵﴾ۙ الَّذِیۡنَ اِذَاۤ اَصَابَتۡہُمۡ مُّصِیۡبَۃٌ ۙ قَالُوۡۤا اِنَّا لِلّٰہِ وَ اِنَّاۤ اِلَیۡہِ رٰجِعُوۡنَ ﴿۱۵۶﴾ؕ اُولٰٓئِکَ عَلَیۡہِمۡ صَلَوٰتٌ مِّنۡ رَّبِّہِمۡ وَ رَحۡمَۃٌ ۟ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُہۡتَدُوۡنَ ﴿۱۵۷﴾ (البقره: ۱۵۷، ۱۵۶، ۱۵۵)
(١٥٥) (۽ ياد رکو ته) توهان کي ضرور خطرن ۽ خوفن ۽ بک جي تڪليفن جان ۽ مال ملڪيت جي نقصانن ۽ فصلن جي تباهي سان آزمائينداسين، پوءِ جيڪي ماڻهو صبر ۽ ثابت قدمي اختيار ڪندا انهن کي (فتح ۽ ڪامرانيءَ جي) بشارت (خوشخبري) ڏي. (١٥٦) اهي (صبر ڪندڙ) اُهي آهن جيڪي جڏهن ڪا مصيبت مٿن اچي ڪڙڪي ٿي ته (بي قرار ٿيڻ جي بدران الله کي ياد ڪري پاڻ ۾ وڏي قوت پيدا ڪن ٿا ۽ روحاني جذبي سان) چون ٿا ته اسان ۽ اسان جو سڀ ڪجهه الله جي لاءِ آهي ۽ اسان کي آخر ڏانهنس ئي موٽڻو آهي. (١٥٧) يقيناً اهڙن ئي ماڻهن تي سندن پروردگار جو لطف ۽ ڪرم آهي ۽ مٿن رب جي رحمت ٿي وسي ۽ اهي ئي ڪاميابيءَ جي راهه تي آهن.