مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

سهڻي ۽ وڻندڙ ڳالهه ڪيو

وَ قُلۡ لِّعِبَادِیۡ یَقُوۡلُوا الَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ ؕ اِنَّ الشَّیۡطٰنَ یَنۡزَغُ بَیۡنَہُمۡ ؕ اِنَّ الشَّیۡطٰنَ کَانَ لِلۡاِنۡسَانِ عَدُوًّا مُّبِیۡنًا ﴿۵۳﴾ (بني اسرائيل: ۵۳)

(٥٣) ۽ (اي پيغمبر!) منهنجي ٻانهن کي چئي ڇڏ (يعني انهن کي جن ايمان آندو آهي ته مخالفن سان گفتگو ڪندي) جيڪا ڳالهه چئو سا اهڙي چئو جا سهڻي ۽ وڻندڙ هجي (نه نفرت يا دشمني پيدا ڪندڙ). شيطان ماڻهن جي وچ ۾ فساد وجهي ٿو (جيڪڏهن هو گاريون يا اڻ وڻندڙ لفظ ڪم آڻين ٿا) يقيناً شيطان انسان جو چٽوپٽو دشمن آهي.