مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

بدلو به مناسب طريقي سان وٺجي

وَ الَّذِیۡنَ اِذَاۤ اَصَابَہُمُ الۡبَغۡیُ ہُمۡ یَنۡتَصِرُوۡنَ ﴿۳۹﴾ (الشوريٰ: ۳۹)

(٣٩) ۽ جيڪي جڏهن مٿن ڪو ظلم ڪيو ٿو وڃي تڏهن (ڊڄي گهر جي ڪنڊ ۾ نٿا ويهي رهن، پر مردانگيءَ سان مقابلو ٿا ڪن ۽) پنهنجي مدد ۽ بچاءُ ٿا ڪن.