مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ڪنهن جو مال ناحق نه کائو

وَ لَا تَاۡکُلُوۡۤا اَمۡوَالَکُمۡ بَیۡنَکُمۡ بِالۡبَاطِلِ وَ تُدۡلُوۡا بِہَاۤ اِلَی الۡحُکَّامِ لِتَاۡکُلُوۡا فَرِیۡقًا مِّنۡ اَمۡوَالِ النَّاسِ بِالۡاِثۡمِ وَ اَنۡتُمۡ تَعۡلَمُوۡنَ ﴿۱۸۸﴾٪ (البقره: ۱۸۸)

(١٨٨) ۽ هڪ ٻئي جو مال ناجائز طريقن سان نه کائو، نڪي مال ۽ دولت کي حاڪمن جي دلين تائين پهچڻ جو وسيلو بنايو (رشوت رسائي نه ڏيو) انهيءَ لاءِ ته ٻين جي مال مان ڪجهه حصو ناحق طور کائي وڃو اگرچه ڄاڻو به ٿا (ته اهو وڏو ظلم آهي رشوت ڏيڻ ۽ پرائو حق کائڻ ڪبيرا گناهه آهن).
****

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تَاۡکُلُوۡۤا اَمۡوَالَکُمۡ بَیۡنَکُمۡ بِالۡبَاطِلِ اِلَّاۤ اَنۡ تَکُوۡنَ تِجَارَۃً عَنۡ تَرَاضٍ مِّنۡکُمۡ ۟ وَ لَا تَقۡتُلُوۡۤا اَنۡفُسَکُمۡ (النساء: ۲۹)

(٢٩) مؤمنؤ! هڪ ٻئي جو مال پاڻ ۾ ناحق (ناجائز طور بيهودين ڳالهين ۾) نه کائي کپائي ڇڏيو، پر جيڪڏهن گڏيل ڌنڌو واپار هجي ته پوءِ هڪ ٻئي جي رضامنديءَ سان (مناسب طور) کائي سگهو ٿا. متان پنهنجي جانين کي برباد ڪري ڇڏيو.