اعتڪاف جي حالت ۾ مباشرت کان منع ثُمَّ اَتِمُّوا الصِّیَامَ اِلَی الَّیۡلِ ۚ وَ لَا تُبَاشِرُوۡہُنَّ وَ اَنۡتُمۡ عٰکِفُوۡنَ ۙ فِی الۡمَسٰجِدِ ؕ (البقره: ۱۸۷) پوءِ (پرهه ڦٽيءَ کان وٺي) رات تائين يعني سج لهڻ تائين روزو پورو ڪيو. پر جيڪڏهن توهان مسجدن ۾ اعتڪاف ڪري رهيا آهيو ته پوءِ (رات جو به) پنهنجي زالن سان همبستر نه ٿيو.