زنا جي ويجها نه وڃو
(٣٢) ۽ زناڪاريءَ جي ويجهي به نه وڃو. يقين ڪيو ته اهو ڪم وڏي بي شرميءَ جو ڪم آهي ۽ وڏي خرابيءَ جي چال آهي.
****
وَ الَّذِیۡنَ لَا یَدۡعُوۡنَ مَعَ اللّٰہِ اِلٰـہًا اٰخَرَ وَ لَا یَقۡتُلُوۡنَ النَّفۡسَ الَّتِیۡ حَرَّمَ اللّٰہُ اِلَّا بِالۡحَقِّ وَ لَا یَزۡنُوۡنَ ۚ وَ مَنۡ یَّفۡعَلۡ ذٰلِکَ یَلۡقَ اَثَامًا ﴿ۙ۶۸﴾ (الفرقان: ۶۸)
(٦٨) ۽ اهي (سچا بندا آهن) جيڪي خدا سان گڏ ٻين ديوتائن کي نٿا پڪارين، نڪي سواءِ حق جي ڪنهن به ساهدار (جانور يا ماڻهو) کي قتل ٿا ڪن جن کي قتل ڪرڻ خدا تعاليٰ حرام ٺهرايو آهي، نڪي زنا ٿا ڪن. جيڪو به اهي (ئي) ڪم ڪري ٿو سو (نه رڳو) اهڙن (سخت) گناهن جي سزا ڀوڳيندو. (پر)