مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

عالمن ۽ ڏاهن لاءِ زندگيءَ ۾ عمل به ضروري آهي

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اٰمِنُوۡا بِاللّٰہِ وَ رَسُوۡلِہٖ وَ الۡکِتٰبِ الَّذِیۡ نَزَّلَ عَلٰی رَسُوۡلِہٖ وَ الۡکِتٰبِ الَّذِیۡۤ اَنۡزَلَ مِنۡ قَبۡلُ ؕ وَ مَنۡ یَّکۡفُرۡ بِاللّٰہِ وَ مَلٰٓئِکَتِہٖ وَ کُتُبِہٖ وَ رُسُلِہٖ وَ الۡیَوۡمِ الۡاٰخِرِ فَقَدۡ ضَلَّ ضَلٰلًۢا بَعِیۡدًا ﴿۱۳۶﴾ (النساءِ: ۱۳۶)
(١٣٦) مؤمنؤ! الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ انهيءَ ڪتاب تي ايمان آڻيو جو پنهنجي رسول تي نازل ڪيو اٿس ۽ پڻ انهن ڪتابن تي ايمان آڻيو جيڪي ان کان اڳي (ٻين پيغمبرن تي) نازل ڪيا هئائين ۽ (ياد رکو ته) جنهن به الله تي سندس ملائڪن ۽ ڪتابن ۽ رسولن تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان نه آندو سو سنئين واٽ ڇڏي تمام پري هٽي ويو.
****
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا ادۡخُلُوۡا فِی السِّلۡمِ کَآفَّۃً ۪ وَ لَا تَتَّبِعُوۡا خُطُوٰتِ الشَّیۡطٰنِ ؕ
اِنَّہٗ لَکُمۡ عَدُوٌّ مُّبِیۡنٌ ﴿۲۰۸﴾ (البقره: ۲۰۸)
(٢٠٨) اي ايمان وارؤ! (اعتقاد ۽ عمل جي سڀني ڳالهين ۾) پوريءَ طرح (نه رڳو نالي طور) مسلمان (فرمانبردار) ٿيو ۽ خبردار! متان شيطاني وسوسن جي پيروي ڪريو. شيطان ته اوهان جو ظاهر ظهور دشمن آهي.
****
وَ اِذَا سَاَلَکَ عِبَادِیۡ عَنِّیۡ فَاِنِّیۡ قَرِیۡبٌ ؕ اُجِیۡبُ دَعۡوَۃَ الدَّاعِ اِذَا دَعَانِ ۙ فَلۡیَسۡتَجِیۡبُوۡا لِیۡ وَ لۡیُؤۡمِنُوۡا بِیۡ لَعَلَّہُمۡ یَرۡشُدُوۡنَ ﴿۱۸۶﴾ (البقره: ۱۸۶)
(١٨٦) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن منهنجو ڪو ٻانهو تو کان منهنجي به نسبت پڇي (ته ڪهڙيءَ طرح مون وٽ پهچي سگهي ٿو) ته تون کيس ٻڌاءِ ته مان ته کيس ويجهڙو آهيان، هو جڏهن مون کي سڏي ٿو تڏهن هن جو سڏ ٻڌان ٿو ۽ قبول ڪيان ٿو، پوءِ (جيڪڏهن هو سچ پچ منهنجي طلب رکن ٿا ته) کين گهرجي ته منهنجي سڏ جو جواب ڏين ۽ مون تي ايمان رکن انهيءَ لاءِ ته سنئين واٽ تي هلي ڪاميابي حاصل ڪن.