تجارت حلال آهي ۽ وياج حرام آهي
(٢٧٥) جي ماڻهو (گهرج وارن جي مدد ڪرڻ بدران اٽلندو انهن کان) وياج وٺي پيٽ پالن ٿا اهي (انهيءَ ظلم جو نتيجو ڏسندا) ۽ اٿي بيهي به ڪين سگهندا پر جي بيهندا ته انهي ماڻهو وانگر جنهن کي شيطان جي ڇهڻ سان چريائي ٿي وئي هجي (يا مرگهيءَ جي بيماريءَ ۾ گرفتار هجي.) هي انهيءَ ڪري ٿيندو جو هنن (وياج کي ناجائز نه سمجهيو ۽) چيائون ته واپار به وياج وٺڻ وانگر آهي، پر الله تعاليٰ واپار ڪري نفعو ڪمائڻ کي حلال ٺهرايو آهي ۽ وياج کي حرام ڪيو.
****
یَمۡحَقُ اللّٰہُ الرِّبٰوا وَ یُرۡبِی الصَّدَقٰتِ ؕ وَ اللّٰہُ لَا یُحِبُّ کُلَّ کَفَّارٍ اَثِیۡمٍ ﴿۲۷۶﴾ ؕ(البقره: ۲۷۶)
(٢٧٦) الله تعاليٰ وياج مان کوٽ ۽ تباهي ڏئي ٿو ۽ خيرات لاءِ برڪت ۽ واڌارو ٿو ڏئي ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ انهن کي ناپسند ٿو ڪري جي الله تعاليٰ جا بي شڪر ۽ نافرمان آهن.
****
وَ مَاۤ اٰتَیۡتُمۡ مِّنۡ رِّبًا لِّیَرۡبُوَا۠ فِیۡۤ اَمۡوَالِ النَّاسِ فَلَا یَرۡبُوۡا عِنۡدَ اللّٰہِ ۚ وَ مَاۤ اٰتَیۡتُمۡ مِّنۡ زَکٰوۃٍ تُرِیۡدُوۡنَ وَجۡہَ اللّٰہِ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُضۡعِفُوۡنَ ﴿۳۹﴾ (الروم: ۳۹)
(٣٩) ۽ توهان جيڪي ڏيو ٿا انهيءَ لاءِ ته ماڻهن جي مال ملڪيت مان، وياج سان (يا ٻين ناجائز طريقن سان) دولت هٿ ڪيون ۽ وڌايون سا الله وٽ هرگز ڪانه وڌندي. (بلڪ الله تعاليٰ اوهان کي مصيبتن هيٺ آڻيندو) پر جيڪي توهان صدقن ۽ زڪوات طور خدا جي راضپي جي طلب ۾ ائين ڪيو ٿا (سا دولت بيشڪ وڌندي ۽ پاڪ ٿيندي) اهڙن ئي ماڻهن کي (الله وٽان) وڌندڙ انعام ۽ نعمتون ملنديون.