مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

قرضدار کي مهلت ڏيڻ ۽ قرض جي لکت ڪرڻ

وَ اِنۡ کَانَ ذُوۡ عُسۡرَۃٍ فَنَظِرَۃٌ اِلٰی مَیۡسَرَۃٍ ؕ وَ اَنۡ تَصَدَّقُوۡا خَیۡرٌ لَّکُمۡ اِنۡ کُنۡتُمۡ
تَعۡلَمُوۡنَ ﴿۲۸۰﴾ وَ اتَّقُوۡا یَوۡمًا تُرۡجَعُوۡنَ فِیۡہِ اِلَی اللّٰہِ ٭۟ ثُمَّ تُوَفّٰی کُلُّ نَفۡسٍ مَّا کَسَبَتۡ وَ ہُمۡ لَا یُظۡلَمُوۡنَ ﴿۲۸۱﴾٪ (البقره: ۲۸۰ کان ۲۸۱)

(٢٨٠) ۽ جيڪڏهن قرضي تنگ حالت ۾ آهي (۽ هڪدم قرض ڏيئي نٿو سگهي) ته هن کي آساني جي حالت ٿيڻ تائين مهلت ڏيڻ گهرجي پر جيڪڏهن سمجهه رکو ٿا ته يقين رکو ته توهان لاءِ بهتري هن ۾ آهي ته اهڙي مسڪين کي قرض (مور به) صدقي طور بلڪل معاف ڪري ڇڏيو. (٢٨١) ۽ انهيءَ ڏينهن جي حساب کان ڊڄو جنهن ڏينهن الله تعاليٰ جي حضور ۾ موٽي ويندؤ. پوءِ ڇا ٿيندو جو هر نفس (پنهنجي عملن سان) جيڪي ڪمايو هوندو ان جو پورو پورو بدلو هن کي ملندو ڪنهن سان به بي انصافي نه ٿيندي.
****

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اِذَا تَدَایَنۡتُمۡ بِدَیۡنٍ اِلٰۤی اَجَلٍ مُّسَمًّی فَاکۡتُبُوۡہُ ؕ وَ لۡیَکۡتُبۡ بَّیۡنَکُمۡ کَاتِبٌۢ بِالۡعَدۡلِ ۪ وَ لَا یَاۡبَ کَاتِبٌ اَنۡ یَّکۡتُبَ کَمَا عَلَّمَہُ اللّٰہُ فَلۡیَکۡتُبۡ ۚ وَ لۡیُمۡلِلِ الَّذِیۡ عَلَیۡہِ الۡحَقُّ وَ لۡیَتَّقِ اللّٰہَ رَبَّہٗ وَ لَا یَبۡخَسۡ مِنۡہُ شَیۡئًا ؕ فَاِنۡ کَانَ الَّذِیۡ عَلَیۡہِ الۡحَقُّ سَفِیۡہًا اَوۡ ضَعِیۡفًا اَوۡ لَا یَسۡتَطِیۡعُ اَنۡ یُّمِلَّ ہُوَ فَلۡیُمۡلِلۡ وَلِیُّہٗ بِالۡعَدۡلِ ؕ وَ اسۡتَشۡہِدُوۡا شَہِیۡدَیۡنِ مِنۡ رِّجَالِکُمۡ ۚ فَاِنۡ لَّمۡ یَکُوۡنَا رَجُلَیۡنِ فَرَجُلٌ وَّ امۡرَاَتٰنِ مِمَّنۡ تَرۡضَوۡنَ مِنَ الشُّہَدَآءِ اَنۡ تَضِلَّ اِحۡدٰىہُمَا فَتُذَکِّرَ اِحۡدٰىہُمَا الۡاُخۡرٰی ؕ وَ لَا یَاۡبَ الشُّہَدَآءُ اِذَا مَا دُعُوۡا ؕ وَ لَا تَسۡـَٔمُوۡۤا اَنۡ تَکۡتُبُوۡہُ صَغِیۡرًا اَوۡ کَبِیۡرًا اِلٰۤی اَجَلِہٖ ؕ ذٰلِکُمۡ اَقۡسَطُ عِنۡدَ اللّٰہِ وَ اَقۡوَمُ لِلشَّہَادَۃِ وَ اَدۡنٰۤی اَلَّا تَرۡتَابُوۡۤا اِلَّاۤ اَنۡ تَکُوۡنَ تِجَارَۃً حَاضِرَۃً تُدِیۡرُوۡنَہَا بَیۡنَکُمۡ فَلَیۡسَ عَلَیۡکُمۡ جُنَاحٌ اَلَّا تَکۡتُبُوۡہَا ؕ وَ اَشۡہِدُوۡۤا اِذَا تَبَایَعۡتُمۡ ۪ وَ لَا یُضَآرَّ کَاتِبٌ وَّ لَا شَہِیۡدٌ ۬ؕ وَ اِنۡ تَفۡعَلُوۡا فَاِنَّہٗ فُسُوۡقٌۢ بِکُمۡ ؕ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ ؕ وَ یُعَلِّمُکُمُ اللّٰہُ ؕ وَ اللّٰہُ بِکُلِّ شَیۡءٍ عَلِیۡمٌ ﴿۲۸۲﴾ (البقره: ۲۸۲)

(٢٨٢) اي مؤمنو! جڏهن ڪنهن خاص مدي لاءِ اوڌر (پيسا يا ٻيو ڪجهه) ڏيو يا وٺو ته پوءِ ان کي لکپڙهه هيٺ آڻيو ۽ هڪڙو لکڻ وارو اوهان جي وچ ۾ هجي جو عدل ۽ ايمانداريءَ سان دستاويز لکي. لکي ڄاڻندڙ کي گهرجي ته لکڻ کان انڪار نه ڪري، ڇو ته الله تعاليٰ ئي هن کي لکڻ سيکاريو آهي، تنهن ڪري ضرور لکي. هيئن ڪجي جو جنهن کي رقم يا شيءِ (مقرر مدي تي) ڏيڻي آهي سو چوندو وڃي (ته ڪاتب لکندو وڃي) ۽ چوڻ وقت پنهنجي پروردگار جو خوف دل ۾ رکي ۽ جو ڪجهه هن کي ڏيڻو آهي تنهن کان ذرو به گهٽ نه لکائي، پر جيڪڏهن ذميوار بي سمجهه هجي يا ضعيف هجي ۽ لکائڻ جي قابليت نه هجيس ته پوءِ ان جي پاران سندس خير خواهه دوست يا سنڀاليندڙ عدل ۽ ايمانداريءَ سان چوندو لکائيندو وڃي ۽ (جيڪو دستاويز لکيو وڃي) تنهن تي پنهنجي ماڻهن مان ٻن مردن کي شاهد ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن ٻه مرد نه هجن ته هڪ مرد ۽ ٻه عورتون جيڪي پسند هجن سي شاهد ڪري ڇڏيو. انهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن هڪ عورت کان ڳالهه وسري وڃي ته ٻي هن کي يادگيري ڏياري ۽ جڏهن شاهدن کي سڏيو وڃي تڏهن هلي وڃڻ ۽ شاهدي ڏيڻ کان نه نٽائين ۽ معاملو ننڍڙو هجي توڙي وڏو هجي پر ميعاد پيل هجي ته دستاويز لکڻ ۾ شرم يا ڍرئي نه ڪيو. هن ڳالهه ۾ الله تعاليٰ جي نظر ۾ توهان جي لاءِ انصاف جي زياده مضبوطي آهي، شاهديءَ لاءِ وڌيڪ پڪائي آهي ۽ وڌيڪ امڪان آهي ته شڪ شبهي ۾ ڪونه پوندو، پر جيڪڏهن سودو ڪرڻ وقت هٿئون هٿ ڏيئي وٺي ڪم لاهي ڇڏيو ٿا (اوڌر ڪانه رهي) ته پوءِ اوهان تي ڏوهه ناهي، جيڪڏهن اهو سودو لکپڙهه هيٺ نه آڻيو، پر تڏهن به (وڏن تجارتي معاملن ۾) سودي ڪندي شاهد ڪري ڇڏيو (ته پوءِ ڪو جهڳڙو نه ٿئي. مثلاً ڳئون يا ٻڪري خريد ڪيو ۽ پوءِ ڪو چوي ته توهان چورائي آيا آهيو ته ڪيڏو نه خلل ٿي پوي) (هي ڳالهه به ضروري آهي ته) لکندڙ ۽ شاهد کي ڪوبه نقصان نه پهچي (يعني غرض وارو هنن تي دٻاءُ نه وجهي ته شاهدي گهٽ وڌ ڏي. پر ممڪن آهي ته هي معنيٰ به آهي ته لکندڙ يا شاهد کي جيڪڏهن لکڻ يا شاهدي ڏيڻ ۾ مالي نقصان ٿيندو هجي ته انهن کي عيوضو ڏيڻ گهرجي) جيڪڏهن توهان هنن کي نقصان هيٺ آڻيندو ته توهان جي لاءِ گناهه جو ڪم آهي ۽ توهان کي گهرجي ته هر حال ۾ خدا جو خوف رکندا رهو. هو اوهان کي (ضروري ڳالهيون) سيکاري ٿو ۽ هو هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي.