مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

عدت واري مدت پوري ڪرڻ جو حڪم

فَاِذَا بَلَغۡنَ اَجَلَہُنَّ فَاَمۡسِکُوۡہُنَّ بِمَعۡرُوۡفٍ اَوۡ فَارِقُوۡہُنَّ بِمَعۡرُوۡفٍ وَّ اَشۡہِدُوۡا ذَوَیۡ عَدۡلٍ مِّنۡکُمۡ وَ اَقِیۡمُوا الشَّہَادَۃَ لِلّٰہِ ؕ ذٰلِکُمۡ یُوۡعَظُ بِہٖ مَنۡ کَانَ یُؤۡمِنُ بِاللّٰہِ وَ الۡیَوۡمِ الۡاٰخِرِ ۬ؕ وَ مَنۡ یَّتَّقِ اللّٰہَ یَجۡعَلۡ لَّہٗ مَخۡرَجًا ۙ﴿۲﴾ (الطلاق: ۲)

(٢) پوءِ جڏهن اهي (زالون) پنهنجي (عدت واري) مدي کي پهچن ته رواج (۽ قانون) موجب انهن کي (رجوع ڪرڻ سان يا نئين نڪاح سان) جهليو (۽ زال مڙس جي زندگي گهاريو) يا رواج موجب انهن کان جدا ٿيو ۽ (آخري فيصلي تي) پاڻ مان اعتبار وارن ٻن ڄڻن کي شاهد ڪريو ۽ الله جي واسطي (ڪنهن جي روءِ رعايت ڪرڻ کان سواءِ) پوري شاهدي ڏيو. هن (حڪم) سان ان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃي ٿو، ۽ جيڪو الله (جي قانون جو لحاظ رکي ان) کان ڊڄندو ته الله ان لاءِ مشڪل مان نڪرڻ جو رستو پيدا ڪري ڏيندو.